نوشهروفيروز ۾ معذور ماڻهن لاءِ روٽري ڪلب ڪراچي پاران مصنوعي ڄنگهون لڳائڻ واري ڪيمپ قائم

ڪيمپ ۾ 70 کان وڌيڪ معذورن کي مصنوعي ڄنگهون لڳائڻ لاءِ رجسٽريشن ڪئي وئي

نوشهروفيروز ۾ معذور ماڻهن لاءِ روٽري ڪلب ڪراچي پاران مصنوعي ڄنگهون لڳائڻ واري ڪيمپ قائم

نوشهروفيروز(ڊر) معزور افرادن لاء روٽري ڪلب ڪراچي جي تعاون سان روٽري ڪلب نوشهروفيروز پاران سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ ھڪ ڏينھن واري مفت ڪئمپ لڳائي ويئي جنهن ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهن کي مصنوعي ڄنگهون لڳائڻ واري پهرئين مرحلي ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويون ان موقعي تي روٽري ڪلب نوشهروفيروز جي صدر محمد موسيٰ گوندل، سيڪريٽري پروفيسر محمد اشرف جويو، پروفيسر ممتاز علي ڏنگراچ، پروفيسر محمد بچل ڪاڪيپوٽو۔ پروفيسر ڊاڪٽر نعمت الله سومرو، عبدالشڪور عباسي۔ آصف علي ڪاڪيپوٽو، فھيم احمد تنيو۔ بدرالدين جتوئي غلام ياسين جروار ۽ ٻين چيو ته هيء ڪئمپ نوشهروفيروز جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لڳي رهي آهي جنهن ۾ نوشهروفيروز ضلعي سميت ٻين ضلعن جا ماڻهو آيل آهن هي خالص سماجي ڪم آهي جنهن ۾ ماڻهو جو هڪ روپيو به خرچ نه ٿو ٿئي۔ ان کان اڳ اهي معذور ماڻهو ڪراچيء علاج لاء ويندا هئا پر غربت سبب انهن جو ڪراچي ۽ ٻين شهرن ڏانهن وڃڻ نهايت مشڪل هو۔اڳواڻن چيو ته هن ڪئمپ جو مقصد معذور ماڻهن کي مصنوعي ڄنگهه لڳائي معذوري ختم ڪرڻ آهي۔ هن ڪئمپ ۾ خصوصي تعاون سول سرجن ڊاڪٽر مبين احمد راجپوت جو رهيو۔ اڳواڻن چيو ته ٻن مهينن کانپوء ٻيهر ڪئمپ لڳائي ويندي جنهن ۾ رهيل ماڻهن کي مصنوعي عضوا لڳايا ويندا۔