ٽنڊو آدم ۾ طلاق لاءِ درخواست ڏيندڙ ناري مبينا اغوا، والد پاران قتل جو خدشو ظاهر

ڌي ماريا کي 8 مهينا اڳ چاڪر ملوکاڻي اغوا ڪري زبردستي نڪاح ڪيو هو، ڪيس هلندڙ آھي: اقبال مغيري

ٽنڊو آدم ۾ طلاق لاءِ درخواست ڏيندڙ ناري مبينا اغوا، والد پاران قتل جو خدشو ظاهر

ٽنڊو آدم(رپورٽر) ٽنڊو آدم ۾ مڙس کان طلاق لاء درخواست ڪندڙ ناري مبينا طور هٿياربندن هٿان اغوا، وارثن پاران قتل جو خدشو ظاهر، اين سي داخل، ٽنڊي آدم جي چانيها پاڙي ۾ مڙس کان طلاق لاء درخواست ڪندڙ ناري ماريا ڌي اقبال مغيري کي مبينا طور هٿياربند مائٽن جي گهر مان زبردستي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري فرار ٿي ويا۔ اغوا ڄاڻايل ناري جي والد اقبال مغيري جي فرياد تي سٽي ٿاڻي تي ناري جي مڙس چاڪر ملوکاڻي، حميد، خميسو، شير خان ملوکاڻي خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آھي۔ ناري ماريا مغيري جي والد اقبال مغيري ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ڌي کي 8 مهينا اڳ چاڪر ملوکاڻي اغوا ڪري زبردستي نڪاح ڪيو هو جنهن جو ڪيس هلندڙ آھي۔ هن دانهيو ته چاڪر ملوکاڻي پنهنجي هٿياربندن سان گڏجي اسانجي گهر ۾ داخل ٿي ڌي کي زبردستي اغوا ڪري ڪار ۾ کڻي ويا آھن۔ اسان کي ڌي جي قتل ڪرڻ جو خدشو آھي۔ هن وس وارن کان ڌي جي بازيابي جي اپيل ڪئي آھي۔