شيخ اياز سنڌ جو مهان ڪوي ۽ جديد سنڌي شاعري جو وڏو نالو آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي ثقافت، تاريخ، ۽ خوبصورتيءَ کي بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ انساني احساسن، آزادي، ۽ قومپرستي جا گيت بي حد سهڻي انداز ۾ ڳايا آهن. سندس شاعري ۾ نه صرف رومانوي پر سياسي ۽ سماجي موضوع به نمايان آهن. شيخ اياز جو شمار انهن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن سنڌي ٻوليءَ کي عالمي سطح تي پهچايو.
سندس مشهور ڪتابن ۾ "ڀونر ڀري آڪاس" "ڪلهي پاتم ڪينرو" "ڪپر ٿو ڪن ڪري"، "ڪي جو ٻيجل ٻوليو"، "وڄون وسڻ آيون"، "لڙيو سج لڪن ۾"، "پن ڇڻ پڄاڻان"، "ڪٿي تہ ڀَڃبو ٿڪ مسافر"، "ننڊ وليون"، "چنڊ ڳليون" ، "ڪتين ڪر موڙيا" ۽ "ساهيوال جيل ڊائري" سميت 50 کن ڪتاب شامل آهن. شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ذريعي سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ هڪ خاص جاءِ ٺاهي آهي ۽ اڄ به هو سنڌي ادب ۾ زندھ آهي. سندس شاعراڻو معجزو ڪمال آهي..
"تو ڳجهارت ڪٿي ڀڳي آهي
زندگاني سڄي ٺڳي آهي..."
هن جڏهن به سٽن کي ڇُهيو تہ اهي بي ساهيون سِٽون ساھَ ڀريون ٿي پيون. اياز پنهنجي ڪتاب ڪٿي تہ ڀڃبو ٿڪ مسافر ۾ لکيو آهي تہ رشيد ڀٽيءَ جي بقول تہ مان شاھ لطيف کان پوءِ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهيان ۽ ڪو وقت ايندو جو ٽيگور کي بہ پٺتي ڇڏي ويندس.رشيد ڀٽيءَ جي اها ڳالهه هنن ۾ ڪانَ وانگر ڪُکندي هئي پر مون ان شَئي جي پرواھ نہ ڪئي ۽ اڳتي وڌيس. بس هڪڙي ڳالھ توڙي جو منهنجي من ۾ واسو ڪري ويهي رهي تہ هر ماڻهو راءِ ۾ آزاد آهي منهنجي نظر ۾ دوستيءَ ۾ ماڻهو وَهي بہ ويندا آهن، پر مان سمجهان ٿو تہ ڪنهن به پراڻي دوست کان بهتر آئينو نہ آهي..
تڏهن ئي تہ اياز پنهنجن جي سورن کي ساري هي شعر چيو تہ....
"ٿو سڪي ئي نہ خون خنجر تي،
غور سان ڏس تہ گهاءُ ڪنهن جو آ
آ بگهڙ جيئن پر بگهڙ ناهي،
آدمي نيٺ ڀاءُ ڪنهن جو آ....."
شيخ اياز سان دوستيءَ ۾ وڏا دوکا ٿيا ۽ هن پنهنجن دوستن کي هر مخالفت جو جواب کِلي ڏنو. هڪ جاءِ تي پنهنجي ڪتاب ۾ اهو سورُ به سَليون ويو تہ...
هڪ سنڌي اخبار آئي. ڪنهن هومر کان شيلي تائين نالن جو سهارو وٺي مون تي ڊگهي تنقيد ڪئي آهي. مون کِلي اخبار رکي ڇڏي. ڪتو ڀئونڪڻ نہ ڇڏيندو ۽ فقير جي فطرت آهي ته رمندو رهي. ڇا اهو نقاد منهنجي جواب جو مستحق آهي؟ هو هومر ۽ شيلي جي نالي وٺڻ کان وڌيڪ ڄاڻ جو اهل هجي ها تہ هن کي جوابُ ضرور ڏيان ها. مان اخبار رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽي ڪري پنهنجي ڪرت ڪار ۾ لڳي ٿو وڃان..
شيخ اياز صدين جي سدا آهي. اهڙي ماڻهوءَ تي پٿر وسايا ويا جن لاءِ شايد هو پاڻ چئي ويو تہ
ساري شهر وسايا پٿر، جن سان چڪنا چور هيو،
پوءِ بہ هن ٿي نعرا ماريا، مڙس تہ ڪو منصور هيو.
اياز جو قد انهن جيتامڙن گهٽائي نہ سگهيو ۽ هو ويتر مضبوطيءَ سان وقت جي لڱن ۾ لهندو ويو. هن سان محبت ڪندڙن جي هڪ ڪائنات هئي ۽ ان سڄي ساري ڪائنات جو اياز اڪيلو وارث هو. هي پنهنجي پر ۾ هن تي جَلندا ۽ حالتن جو ٻوڙ هاريندا رهيا پر هو پنهنجن گيتن جي گونجار ڪندو جندڙيءَ جو جهرڻو بڻجي روانيءَ سان رڳن ۾ رلجڻ لڳو...
اياز لکيو تہ مٿي ان اخبار جو ذڪر هڪ دخل درمعقولات آهي. جو مون کي وري ڪرڻو ئي ڪونهي. مون کي وقت ٿورو آهي ۽ زندگيءَ تي ڪو اعتبار نہ آهي. ان ڪري پاڻ کي اشتعال کان پاسي رکڻو آهي. ڇو تہ سياسي ۽ ادبي حريف مون کي مباحثي ۽ مناظري ۾ رڌل رکي، منهنجي تحرير ۾ رڪاوٽ وجهڻ چاهن ٿا.مان کين هَلَ....
سرسوتيءَ جو مندر حيران آهي، هٿن ۾ گجرا ۽ اکين ۾ ڳوڙهن هاڻيون ڳالهيون اڄ بہ اياز جي سورن جا ساکي آهن هاڻي جيڪي ميلا ۽ ملاکڙا پيا ڏسجن ۽ رڳي مال تي ڌمال آهي انهن ميلن بابت اياز پاڻ ئي چئي ويو هو تہ پوءِ..
"مون تي ميلو مچڻو آهي" پر اهو ميلو مال ۽ ملالن وارو نہ هو, اهو نج ميلو، اهي نج ميلاپ ۽ وصل جون ڳالهيون اياز جي اکين ۾ هونديون هيون.. هو هيو تہ گهڙيءَ جو گداگر پر جُڳن جون ڳالهيون ڪري ويو.
سندس ميلي جي تنهائيءَ تي لکيل هي سٽون اڄ بہ پڙاڏو ڪري اندر جي آڱر تي لهي اچن ٿيون..
ميلي ۾ تون تنها تنها ڪنهن کي ڳولين ٿو
اک ۾ ڳوڙها هٿ ۾ گجرا ڪنهن کي ڳولين ٿو..
او رکوالا کوٽين ڇو ٿو هيءَ جيون جي رَکَ
آڻي اَگنيءَ جهڙي آشا، ڪنهن کي ڳولين ٿو.
توڙي جو اياز پاڻ کي گهڻو بي ڊپو محسوس ڪندو هو جنهن جو اظهار هن هڪ هنڌ لکي بہ ڪيو آهي تہ مان موت کان بلڪل بي خوف ٿي چڪو آهيان،
۽ ان جي پرواھ نہ آهي تہ ڪڏهن قلم اوچتو ٿو هٿ مان ڪِري پوي، ۽ سٽ اڌ ۾ رهجي وڃي.
ڪنفيوشس جي ڳالھ تہ ڪنهن پڇيس تہ مُئي ماڻهوءَ کي شعور ٿيندو آهي ان تي ڪنفيوشس هن کي بي ٽوڪ جواب ڏنو تہ تيستائين ترسين ڇونہ ٿو جيستائين تون مرين.پوءِ پاڻ ئي توکي جواب ملي ويندو. اياز چيو تہ توکي هڪ ڳالھ ٻڌايان مان هاڻي ڪنهن ڪنهن وقت قبلہ رو ٿي نماز بہ پڙهندو آهيان، اهو ان ڪري نہ تہ مون کي جَبين سائيءَ جو شوق هوندو آهي پر ائين ڪرڻ سان منهنجي دل کي تسڪين ملندي آهي....
وري ٿي چيائين تہ.....
پنهنجا ڦَٽ پُراڻا ها
يا هي ويڄَ اياڻا ها.
تو ۾ هيڏو هَٺُ ايازَ!
هُنَ جا نيڻ نماڻا ها..
اياز انسان سان عشق جي باري ۾ ڪيڏو نہ خوبصورتيءَ سان اظهاريو آهي تہ
"عشق تنهنجو اياز آهي انسان سان
هو چون ٿا تہ ناهين تون ايمان ۾"
يا وري ڌرتيءَ ماتا جي مٽيءَ کي مٿي سان لائي ان جي محبت ۾ اظهاري ويو آهي تہ
ڌرتي ڇا ڇا دانُ ڪري وئي،
اوک ڏئي انسان ڪري وئي،
آئي تنهنجي سار تہ سپرين،
سوريءَ کي آسان ڪري وئي.
مڌ بيانيون يا املتاس سان ڪويل جون ڪوڪان.مور جي پرن جي ڳالھ يا وري گهنگور گهٽائن جو ذڪر،چارڻ جو چنگ يا وري رابيلن جي مرجهائجڻ جا احساس،اياز کان وڌيڪ ڪير ڳائي سگهيو آهي.
جهوپڙيءَ ٻاهران جهانجهر جي وڃڻ جي ڪوريو گرافي هجي يا سون جهڙي جوانيءَ تي وارن جي اڇي ڪرڻ واري عمر کي ميار ڏيڻ وارو معاملو، يا اُٺي جي هوا سان ڪچهري، چيٽ جي چاندنيءَ جي چڳن سان چلولايون يا وري جيئڙن ۽ ڏيئڙن جي ڏڻن سان اياز ڪٿي تہ وڃي رسيو آهي سندس ڳالهين ۾ پيل ڳنڍيون ڪير بہ ڇوڙي ناهي سگهيو ۽ سمجهان ٿي تہ ايندڙ ڪيتري وقت تائين مومل جا مينڌرا اڃا بہ مايوس رهندا..
0 تبصرے