ملير ۾ سال جي آخري سرمئي شام استاد عبدالله بي ميتو جي ناءُ، سمنڊ ڪناري تقريب منعقد

ابراهيم حيدري ۾ جنم وٺندڙ اُستاد عبدالله بي متيو پورهيت هئڻ سان گڏ ڪيترن ئي خدا داد صلاحيتن جو مالڪ هو: مقرر

ملير ۾ سال جي آخري سرمئي شام استاد عبدالله بي ميتو جي ناءُ، سمنڊ ڪناري تقريب منعقد

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ سال جي آخري ڏهاڙي جي موقعي تي لهندڙ سج کان موڪلاڻي جي مُک تقريب عوامي پريس ڪلب ملير طرفان پاڪستان فشر فوڪ فورم جي سهڪار سان ملير جي سرمئي شام اُستاد عبدالله بي متيو ناءُ جي سري هيٺ سمنڊ ڪناري ابراهيم حيدري ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سيد خدا ڏنو شاھ، سعيد بلوچ، مجيد موٽاڻي، فاطمه مجيد، عزيز عبدالله، ايوب شان، ياسمين ملاح، سينيئر صحافي يونس مهر، سيد يوسف شاھ، مريم گوپانگ، ڪاشف خاصخيلي، مشتاق بابو، طالب ڪڇي، علي مستوئي، ستار گوپانگ، يونس خاصخيلي، عزيز لانگاھ، اسماعيل چارڻ ، عمران يوسفزئي، فريد بلوچ، نعيم لاشاري، الطاف بوزدار، نديم بلوچ، راشد بلوچ، جاويد خاصخيلي، عظيم فيروزاڻي، محمد بلوچ، امين ڪلمتي، طيب ڪلمتي وڏيرو آصف جت سميت ملير واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي سال جي لهندڙ سج کان لطيف جي وائين سان موڪلائي ايندڙ سال 2025 جي پر اميد آجيان طور سيد خدا ڏنو شاھ سنڌ جي امن خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعا گهري تقريب ۾ مقررن خطاب ڪندي اُستاد عبدالله بي متيو کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ابراهيم حيدري جهڙي پُٺتي پيل علائقي ۾ اُستاد عبدالله بي متيو جو جنم ٿيڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي هو غريب پورهيت هئڻ سان گڏ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي خدا داد صلاحيتن جو مالڪ هو جنهن گهٽ وسيلا هئڻ باوجود محنت سان پنهنجو ناءُ ڪمايو هنن چيو ته شروع ۾ پاڻ ٽرڪن تي پينٽنگ ڪندو هو پوءِ هوڙن ۽ لانچين تي سهڻا نقش چٽڻ جو ڪم شروع ڪيو سندس هنر ڏسي ڪم وڌي ويو جنهن تي پاڻ پنهنجي پُٽ عزيز سميت سوين بيروزگار نوجوانن کي پينٽنگ جو هنر سيکاري روزگار سان لڳائي ڇڏيو هن وڌيڪ چيو ته استاد عبدالله بي متيو جادوگر به هو مختلف پروگرامن ۾ جادو جا ڪرتب ڏيکاري داد وصول ڪندو هو ۽ گڏوگڏ پاڻ شاعر، موسيقار به هو سندس ڪلام جڳ مشھور فنڪارن استاد محمد جمن، علڻ فقير، حميره چنا، مھناز، استاد جلال چانڊيو، عبدالله پنھور سميت ٻين فنڪارن ڳائي وڏي شھرت ماڻي استاد عبدالله فلم ڊائريڪٽر رائٽر، ميوزيشن، سگھڙ ۽ سازيندو به هو کيس مختلف ساز وڄائڻ تي عبور حاصل هجڻ سان گڏ لطيف سائين جا سوين بيت بر زبان ياد هوندا هئا پاڻ پنهنجي ڊاريڪشن ۾ جڳ مشھور فلم گھاتو گهر نه آيا ٺاھي جنهن ۾ پاڻ اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ سان گڏ فلم ڊاريڪٽر پروڊيوسر ۽ ميوزيشن به هئا گهاتو گهر نه آيا فلم کيس شھرت جي بلندي تائين پهچائي ڇڏيو ۽ حڪومت طرفان کيس گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو هنن چيو ته استاد عبدالله ان کانسواءِ مجبور انسان، ويچاري ماءُ، پيار تان صدقي، فيصلو، ملڪيت جو ريشمان ۽ پڪنڪ پارٽي فلمون به ٺاھي وڏي مڃتا ماڻي پر افسوس ثقافت کاتي هن خداداد صلاحيتن جي مالڪ شخص جي ڪڏهن به مالڪي نه ڪئي هنن عوامي پريس ڪلب ملير جي جدوجهد ۽ ڪوششن کي سارائيندي جس ڏني جنهن ملير جي ماٺ کي ٽوڙي شاندار عوامي سطح ۽ علمي ادبي پروگرام ڪري ملير جي وڃائجي ويل ڪردارن کي سڄي دنيا ۾ روشناس ڪرايو آهي ھنن مطالبو ڪيون ته استاد عبدالله بي متيو جي پونيئرن کي ماھوار وظيفو ڏيڻ سان گڏ سندس آخري آرامگاه کي ٺاھي نروار ڪري سندس نالي سان ابراهيم حيدري ۾ آرٽ اڪيڊمي جوڙي وڃي ۽ ھر سال سندس ڏھاڙو ملھائي سندس فن کي عالم آشڪار ڪيو وڃي تقريب ۾ گُهر ڪئي وئي ته سنڌو مان 6 ڪينال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي انڊس ڊيلٽا جي بحالي ملير جي تاريخي ماڳن مڪانن، استاد عبدالله بي متيو، گل حسن ڪلمتي سميت هيروز جي مالڪي ڪري ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪيو وڃي تقريب کان اڳ صحافين ۽ سماجي اڳواڻن جي وفد اُستاد عبدالله بي متيو جي قبر تي اجرڪن ۽ گلن جو چادرون چاڙهي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو جڏهن ته پروگرام جي آخر ۾ قومي گيت اظهر شان ۽ شاعري احمد علي چانڊيو، علي نواز لنجواڻي ۽ ٻين پيش ڪئي.