شڪارپور جو صحافي عبدالمنان عرف حنفي بروهي حادثي ۾ فوت

صحافي عبدالمنان جي اباڻي ڳوٺ توحيد بروهي ۾ جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي

شڪارپور جو صحافي عبدالمنان عرف حنفي بروهي حادثي ۾ فوت

شڪارپور(احسان ابڙو) شڪارپور جي ورڪنگ جرنلسٽ عبدالمنان عرف حنفي بروھي روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ فوت ٿي ويو تفصيل موجب : شڪارپور جو سينيئر صحافي عبدالمنان عرف حنفي بروھي ڪالھ شڪارپور کان سکر طرف موٽر سائيڪل تي وڃي رھيو ھيو تہ لکي تاڻي جي حد ڄامڙا لڳ تيز رفتار ڪار جي ايڪسيڊنٽ ۾ شديد زخمي ٿي پيو جيڪو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو لاش سول اسپتال شڪارپور پھچڻ تي سندس جا وارث ۽ صحافي بروقت پھتا ضروري ڪاروائي بعد مڙھ کي ايمبولينس ذريعي خانپور لڳ ڳوٺ توحيد بروھي ۾ پھچايو ويو جتي اڄ اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندؤ ھوڏانھن ڪار ڊرائيور گاڏي سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آخري اطلاعن تائين ڪو ڏس پتو پئجي نه سگھيو سينيئر صحافي حنفي بروھي جگر جي بيماري سان مقابلو ڪري پيوندڪاري بعد صحتياب پڻ ٿيو جنھن پاران بيماري جي بستري کان اٿي نئين سر پنھنجي زندگي جو آغاز ڪيو پريس ڪلب شڪارپور جي نئين باڊي ۾ چونڊجي آيو ۽ ڪالھ اچانڪ سندس جو روڊ حادثي ۾ زندگي جو ڏيئو اجھامي ويو اھڙي انتھائي افسوسناڪ ۽ ڏکائيندڙ واقعي تي شڪارپور جا سياسي ، سماجي اڳواڻ ۽ صحافين ۾ ڏک جي لھر ڇانئجي وئي آھي