لاڙڪاڻو: ماهوٽا ٿاڻي جي حد ۾ رائيس ڪئنال جي ڪڙ تان اڌڙوٽ شخص جو تشدد ٿيل ۽ نازڪ عضوا ڪپيل لاش هٿ

غلام مصطفيٰ جوڻيجو جا تيز ڌار اوزار سان نازڪ عضوا ڪٽيل آهن: پوليس

لاڙڪاڻو: ماهوٽا ٿاڻي جي حد ۾ رائيس ڪئنال جي ڪڙ تان اڌڙوٽ شخص جو تشدد ٿيل ۽ نازڪ عضوا ڪپيل لاش هٿ

لاڙڪاڻو (بيورو) شهر ڀرسان ماهوٽا ٿاڻي جي حد ڳوٺ چوهڙپور ريگيوليٽر رائيس ڪئنال جي ڪڙ تي تشدد ٿيل اڌڙوٽ شخص جو لاش هٿ علائقي واسين حد جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ان حوالي سان ماهوٽا پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته فوتي شخص جي سڃاڻپ ڳوٺ گوڪل پور واسي ٽريڪٽر ڊرائيور غلام مصطفي جوڻيجو طور ٿي آهي پوليس وڌيڪ ٻڌايو فوتي غلام مصطفي جوڻيجو جا تيز ڌار اوزار سان نازڪ عضوا ڪٽيل آهن جنھن جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون