زندگيءَ جي محدود سَرحدن مان گھڙي، ساعت، سيڪنڊ، منٽ، ڪلاڪ، ڏينھن ۽ رات کُٽندي کُٽندي نيٺ سال کُٽيو وڃي ۽ زندگي جي ھڪ ٻي بھار به اختتام پذير ٿي وڃي ٿي. ھر سال ڊسمبر جي آخري سج جي ڳاڙھاڻ نئين سال جي شروعات کي جنم ڏئي نت نيون اُمنگون ۽ اُميدون پيدا ڪري ٿي. ھر ختم ٿيندڙ سال ٻئي سال کي جنم ڏئي ٿو. جيئن روڊالف ورچو چيو ھو ته نوان جيوگھرڙا اڳوڻن جيوگھرڙن جي پيداوار ھوندا آھن. اھڙي طرح گذريل ڏينھن ۽ سالن واريون سوچون، ڪم، ارادا ۽ ٽاسڪ نئين سال ڏانھن روان رھن ٿا. اھڙي طريقي انسان جي محدود عمر (جيڪا نئين تعين مطابق تقريبن 60 سال ٿئي ٿي) کٽي ٿي، ان زندگي ۾ کوڙ سارا واقعا رونما ٿين ٿا. زندگي ۾ اسان مشاھدا ڪندا آھيون، انھن جي بنيادن تي ايندڙ وقت لاءِ پاڻ کي تيار ڪندا آھيون. ڏاھا، سلجھيل ۽ بافڪر ماڻھو ھميشه دور انديش ٿين ٿا، ايندڙ وقت لاءِ نت نئون تدبيرون وٺن ٿا ۽ چڱائي جي اميد ۽ سچائي ۾ يقين رکي اڳتي وڌندا رھن ٿا، پر کوڙ سارا اياڻا ۽ اٻوجھ ماڻھو زندگي جي تلخ تجربن مان سکندا ناھن ۽ عمر گذرندي رھندي ۽ پر پاڻ ڪجھ پرائي ناھن سگھندا؟ نفسيات جي ماھرن جو چوڻ آھي ته ”ڪجھ ماڻھو عمر جي حوالي سان ننڍا ھوندا آھن، پر ڏاھپ ۽ عقل و دانش جي حوالي سان وڏا ھوندا آھن، پر ڪجھ ماڻھو عمر جي حوالي سان وڏا ھوندا آھن، پر عقل و دانش ۾ اڃا ٻار ھوندا آھن.“ ڪنھن سچ چيو آھي ته ”ڏاھپ عمر سان نه پر تجربن ۽ مشاھدن سان ايندي آھي“ ھتي پاڻ ڪجھ مشاھدي جا نمونا پيش ڪنداسين ۽ پاڻ کي گذريل سال جي اوسر کي جاچينداسين.
جيڪو ڪجھ اسان پڙھون، لکون ۽ سمجھون پيا، اھو ته اوتيل پوتيل آھي، پوءِ فلسفانا نگاھ ھجڻ ڪيترو اھم ھجڻ گھرجي؟ اسان پنھنجي زندگي کي گذاريون ته پيا، پر ان جي فطري طرز ڪھڙي ھجڻ گھرجي؟ ۽ اھا طرز زندگي ڇو ھجڻ گھرجي؟ اسان Status Co جھڙي بري سوچ ۾ ڪيئن ڇو پيا ڦاسون! ھر ڪو چمڪ دمڪ جي پٺيان ڊوڙي رھيو آھي، پر اھو ته ھڪ جاھلانا عمل آھي. (جيئن ڪنھن چيو آھي تي چالاڪ ماڻھو ڪڏھن به ڪنھن سان پيار نٿا ڪن، ڇو ته اھي مطلب رکن ٿا ۽ انھن کي مطلب جي حاصلات گھربل آھي) اسٽس ڪو ۾ اسان کوڙ ساريون شيون وڃايون ٿا، کوڙ سارن ماڻھن کي ڏکايون ٿا، کوڙ سارين اذيتن کي منھن به ڏيون ٿا. ٿورو ويچار ڪجي ته اڄوڪي دور ۾ نوجوانن جو مڪتبه فڪر ڪھڙو ھجڻ گھرجي ۽ انھن کي ڪھڙي سوچ طرف لاڙو ڪرڻ جي ضرورت آھي. ڇا اسان سھي راھ تي لھڻ چاھيندي به رستي تان ڀٽڪي رھيا آھيون؟ ڇا زندگي ھڪ ئي محور ۾ محو رھي ٿي يا ان ۾ تبديلي اڻٽر آھي؟ گذريل سال سان گذارو ڪيوسين يا نئين سال لاءِ نوان ڪم ۽ نوان ٽاسڪ ھوندا. سائنس کان وٺي سياست تائين، مذھب کان ثقافت تائين، فلسفي کان سماجيات جي ڳالھ ڪنداسين ته منجھي پونداسين، ڇو ته اندروني قوتون اسان تي حاوي آھن، اسان پڙھون، لکون، سوچون، ڏسون، ٻڌو اھو ٿا، جيڪو اسان لاءِ ڪجھ قوتون طئه ڪن ٿيون، ڇا اسان پاڻ کي انھي قابل بڻايو آھي ته انھن قوتن جي طئه ٿيل پيماني کي ٽوڙي سگھون؟ اسان وٽ سائنسي، فڪري، شعوري ۽ ڏاھپ واري آزاداڻه سوچ رکندڙ ماڻھن کي ڪيئن غائب ڪيو ٿو وڃي؟
ڇا سنڌي ماڻھو آجپي جي جنگ وڙھي سگھڻ جي تياري ۾ ڀرپور آھن يا سواءِ چند فردن جي سڀ ڪجھ انڌا اونڌا ويڃ لڳو پيو آھي. اڃا ته ھولوگرافي Holography جھڙا راز کليا آھن, ڪيترائي راز چادر ھيٺان ننڊون پيا ڪن, جن کي ايان ڪرڻ جي ذميداري پڙھيل ڪڙھيل باشعور ماڻھن تي فرض جي تلوار جيان لٽڪي رھي آھي.
”صوفي ازم Mystics ۾ چيو ويندو آھي ته جيڪي ماڻھو ھڪ انسان تائين نٿا پھچن، اھي اللہ تائين ڪيئن پھچندا“ اصل ۾ جيستائين سوچ جو پيمانو وسيع نه ھوندو، ايستائين ڪجھ ڪري نٿو سگھجي، ڇو ته ڪمزور ۽ ڊنل ذھن ڪجھ سوچي ئي نٿا سگھن. آزاد ذھنيت مان مراد اھا به ناھي ته جيڪو جيئن چوي خير آ بس مان ته براڊ مائينڊڊ آھيان. مون سال جي پڄاڻي تي ان ڪري گھٽ لکيو، ڇو ته مڪتبه فڪر تي ڳالھائجي، اصل ۾ دنيا ڪٿي پھتي آھي، اسان ڪٿي بيٺا آھيون! اھو ھڪ وڏو الميو آهي ۽ اسان ھر روز سوين المين سھڻ جي باوجود تبديلي پسند نه ٿيا آھيون، انھي جا ڪارڻ ۽ نتيجا مبھم ئي رھيا آھن. اسان تي سوين سواليه نشان ٺھندا ٿا رھن. اسان غير اھم شين تي وقت کي بسر ڪندا آيا آھيون. اسان کي ڄاڻ نه ھوندي آھي ته ڇا ڪرڻو آھي. سرگس جي شينھن جيان جيئن اشارو ٿئي يا وري طوطي جيان رٽرايو ويندو آھي، ائين ڳالھين، موضوعن ۽ ڪتابن کي رٽيندا آھيون.
دنيا جي جديد ايجادن ۾ اسان ڪوھين ڏور پٺتي پيل آھيون. اسان جي معاشيءَ ۽ سماجي حالت اھا وڃي بچي آھي ته نه ڪنھن تي يقين ٿا ڪري سگھون، نه ئي ڪنھن کي پروڙي ٿا سگھون ۽ وڏي ڳالھ ته اھا آھي جو سوشل ميڊيا ايجاد ڪندڙ به سوشل ميڊيا جو ايترو اجايو استعمال نٿا ڪن، جيترو اسان وقت وڃائڻ لاءِ استعمال ڪري رھيا آھيون. ھي سوشل ميڊيا به اوڏھي جيان اسان کي ڪرٽي ٿي پئي ۽ اسان آساني سان پنھنجو وقت ذيان پيا ڪريون. فيس بڪ، واٽس ايپ، ٽڪ ٽاڪ ۽ ٻيا فضول ايپ نوجوانن لاءِ وندر ۽ وقت جو ذيان ڪرڻ جو ذريعو بڻجي پيا آھن، اھي اھڙيون ته موذي بيماريون آھن، جيڪي نوجوان نسل کي اندران ئي اندران کوکلو ڪري رھيون آھن.
جسماني ڪسرت جي راندين سان انسان جي جسم ۾ چستي ايندي آھي ۽ ذھن پڻ تيز ٿيندو آھي، پر سوشل ميڊيا تي ردي قسم جي راندين نوجوانن جي دماغ کي وائڙو، ڇسو ۽ بي ھمت بڻائي ڇڏيو آھي، جنھن سان نفسياتي روڳ ڏينھون ڏينھن وڌي رھيا آھن ۽ سماج ۾ معتبر ماڻھن جي بجاءِ وائڙا ۽ نفسياتي مرض ۾ مبتلا ماڻھو وڌي رھيا آھن. اڪثر ڪري اسان کي ڏاھا، سياڻا ۽ فڪرمند ماڻھو نه وڻندا آھن، ڇو ته اھي سھي رستي جو ڏس ڏيندا آھن ۽ منھن تي خوشامند نه ڪندا آھن. ھونئن به سچ ڪڙو لڳندو آھي، پر سچ ٻڌڻ جي سھپ رکڻ زندگي جو لازمي اصول ھجڻ گھرجي. بنياد پرستي تي مسئلا حل نه ٿيندا آھن، پر فڪري صلاحيتون، برداشت، سھپ ۽ ڪس ڪسر کائڻ سان ئي امن، ڀائيچارو ۽ محبت کي برقرار رکي سگھجي ٿو.
ھاڻ مشاھدو ڪجي ۽ پاڻ کي جاچجي ته پاڻ ۾ فڪري صلاحيتون ڪيتريون آھن؟ انھن سان سماج تي ڪهڙو اثر پوندو؟ اھو اسان مان گھٽ ماڻھو ڄاڻيندا آھن يا ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ته پاڻ ۾ ڪھڙيون ڪميون ۽ ڪوتاھيون آھن ۽ انھن کي بھتر ۽ موثر ڪيئن بڻائجي. مستقل مفاد قوتون سماج کي روبوٽ بڻائي پنھنجو غلبو ڄمائين ٿيون. انھن ھروڀرو زور زبردستي ڪري پنھنجي آڊيالاجي مڙھڻ پئي چاھي آھي ۽ ڪافي حد تائين ڪامياب به ويا آھن. سوال اھو ٿو اڀري ته ڀلا نوجوان طبقي کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ ڪيترا Effort وٺڻ گھرجن؟ ڪھڙا نوان اپاءُ آھن؟ انھن تي ريسرچ، تبصرا، فڪر ۽ انھن تي ڪم ڪجي ته سماجي ۽ شعوري نواڻ اچي سگھي ٿي. اڳي ائين ھو ته چنڊ ڏاڍو نفيس ۽ روشن آھي ته سج ان کان به روشن آھي، وري خبر پئي ته سج کان به وڏو ڪو ستارو آھي، جيڪو اڃا به گھڻو روشن آھي. ائين ئي دنيا جيترو اڳڀري ٿي آھي، ان کان به وڌيڪ اڳڀرو ٿي سگھجي ٿو. ھاڻ ڏسون ته نئين سال ۾ ڪيترا سائنسي راز ايان ٿا ٿين ۽ اسان جو فڪر ڪيترو سگھارو ٿو ٿئي. اھو سواليه نشان ته اسان تي پاڻ تي به آھي ته اسان نئين سال ۾ پاڻ جديد طرز جو ڇا ڪنداسين؟ فڪر ڪيترو سگھارو ڪنداسين؟
علمي حاصلات ۾ ڪيترا سگھارا ھونداسين؟ تخليقي ڄاڻ ڪيتري اوسر ڪري ٿي؟ ڪتاب به سٺا آھن، پر ھڪ باعلم سٺو دوست به ھڪ لائيبريري ھوندو آھي. زندگي ۾ ھر خوبصورت رشتي جو قدر ۽ احترام سان ئي مثبت ۽ بھتر زندگي گھاري سگھجي ٿي. نئين سال جو نئون سج سڀني لاءِ ھڪ نئين اميد ۽ نوان ڪم آڻيندو ۽ ھر ماڻھو خوشيون ماڻيندو. سنڌ جا جھر جھنگ، شھر واھڻ سڀ خوشحال ٿيندا ۽ ھر طرف بھتر ماحول ھوندو.
0 تبصرے