سنڌ جي ٻين ضلعن جيان عمرڪوٽ جي مختلف شهرن ۾ نون ڪئنالن خلاف ريليون ۽ مظاهرا

سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي کوٽ سبب آبادگار پريشان ۽ فصل تباهه ٿي رهيا آهن، نوان ڪئنال ڪڍڻ سان پاڻي اڻلڀ ٿي ويندو: اڳواڻ

سنڌ جي ٻين ضلعن جيان عمرڪوٽ جي مختلف شهرن ۾ نون ڪئنالن خلاف ريليون ۽ مظاهرا

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ آبادگارن، واپارين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ خلاف زبردست احتجاج ڪيا، سموري سنڌ جيان ضلعي عمرڪوٽ جي چارن تعلقن ڪنري، سامارو، پٿورو سميت ڍوورنارو، ڇور ۽ ٻين علائقن ۾ به سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، مظاهرين جو چوڻ آهي ته سنڌ جي اهم آبي وسيلن کان پاڻي نڪالي پنجاب جي علائقن کي آباد ڪيو وڃي پيو، جنهن سبب سنڌ جا آبادگار ۽ واپاري تباهه ٿي ويندا، ضلعي عمرڪوٽ ۾ مختلف سماجي پارٽين جهڙوڪ فنڪشنل ليگ ضلع عمرڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري لياقت جوڻيجو، جوائنٽ سيڪريٽري فنڪشنل ليگ صوبه سنڌ غلام نبي منڱريو، ايس يو پي ضلع عمرڪوٽ جي صدر حاجي ساند، جمعيت علماء اسلام جي اڳواڻ يوسف سميجو، پي ٽي آئي ميرپورخاص ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري ليکراج مالهي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ دسرت ڪمار، ايم ايس ايف ضلع عمرڪوٽ جي صدر فقير محب منڱريو ۽ ٻين سنڌو درياءَ بچاءُ تحريڪ جي احتجاج ۾ شرڪت ڪري خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا آبادگار اڳئين ئي پاڻي جي کوٽ سبب پريشانين کي منهن ڏئي رھيا آهن، ۽ هاڻي سنڌو درياءَ مان وڌيڪَ ڪينال ڪڍي اسان جي علائقن جي زراعت کي ختم ڪيو پيو وڃي، ان سان نه رڳو زرعي زمينون بنجر ٿي وينديون پر لکين ماڻهون بي روزگار ٿي ويندا، هنن چيو ته هي عمل سنڌ جي عوام سان سڌو ظلم آهي، جنهن جا نتيجا سنگين هوندا، هنن چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي پاڻي جي حقن جي پامالي جو سلسلو جاري رهيو، ته سڄي سنڌ متاثر ٿيندي ۽ روزگار جو ڪو به ذريعو نه رهندو، مظاهرين مطابق، درياءِ سنڌ، سنڌ لاءِ زندگي جي علامت آهي، ۽ سنڌو درياءَ مان نڪتل پاڻي تي سنڌ جي زرعي معيشيت جو انحصار آهي، جيڪڏهن درياءِ سنڌ مان ڪينال ڪڍيا ويا، ته سنڌ جي وسيع زرعي زمينن ۾ پاڻي جي کوٽ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويندي، جنهن سبب فصلون خشڪ ٿي وينديون ۽ آبادگارن کي تمام گهڻو مالي نقصان پهچندو، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي زراعت کي بچائڻ لاءِ اسان کي سنڌ جي قدرتي آبي وسيلن جو تحفظ ڪرڻ لازمي آهي، جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي، ته سنڌ جون زمينون بنجر ٿي وينديون ۽ ان سان نه رڳو زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي، پر ماحولياتي توازن پڻ خراب ٿيندو، ۽ پاڻي جي کوٽ سبب انهن فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي سگھي ٿي، جنهن سبب نه رڳو آبادگارن جو روزگار متاثر ٿيندو، پر پوري صوبه جي معيشيت تي به منفي اثر پوندا، مظاهرين اهو پڻ ٻُڌايو ته پاڻي جي کوٽ جو اثر صرف آبادگارن تي محدود ناهي، پر ان سان سنڌ جا مختلف ڪاروبار پڻ متاثر ٿي رهيا آهن، سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ واپاري ۽ ننڍا واپاري زراعت سان جڙيل آهن، ۽ جيڪڏهن زراعت تباهه ٿي وئي، ته انهن ڪاروبار جو پڻ خاتمو ٿي ويندو، جڏهن ته هندو ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ اڳواڻن چيو ته اسان جا واپاري ۽ هندو ڪميونٽي پڻ غير محفوظ محسوس ڪري رهي آهي، ڇو ته سنڌ جي معيشيت جو اڪثر حصو زراعت تي دارومدار رکي ٿو، جيڪڏهن اهي مسئلا حل نه ٿيا، ته ڪاروبار جو خاتمو ناگزير آهي، مظاھرین سنڌ جي قدرتي وسيلن جي تحفظ لاءِ حڪومت کان فوري طور تي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ۽ هنن الزام هنيو ته حڪومت جون پاليسيون سنڌ جي حقن کي مسلسل نظرانداز ڪري رهيون آهن ۽ پنجاب جي مفادن کي ترجيح ڏني پئي وڃي، مظاھرین چيو ته جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي، ته اسان احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪَ شدت سان جاري رکڻ جو ارادو رکون ٿا، اسان کي پنهنجي ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ سنڌ جي پاڻي جي حقن جي بحالي ۽ تحفظ جي ضرورت آهي، مظاھرین جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت سنڌ جي پاڻي جي حقن جو تحفظ نه ڪيو، ته ان جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا، درياءِ سنڌ کان ڪينال ڪڍڻ سان سنڌ جي زراعت ۽ ڪاروبار تباهه ٿي ويندا، جنهن جا اثر نه صرف آبادگارن پر پوري صوبه جي معيشيت تي پوندا، اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو هن معاملي کي فوري طور تي سنجيدگي سان وٺي ۽ سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪن، ته جيئن هتي جي عوام کي وڌيڪَ مشڪلاتن کي منهن نہ ڏيڻو پوي