چڪن گونيا لفظ آفريڪا کنڊ جي Makonde زبان جو آهي جتي پهريان هي بيماري ظاهر ٿي. چڪن گونيا لفظ جي آفريڪن ٻوليءَ ۾ معني آهي "جُهڪي هَلڻ" ڇو تہ هن بيماريءَ جي تڪليف ڪري مريض کي چيلهہ ۾ ۽ جسم جي جوڙن ۾ سور ٿئي ٿو تنهنڪري ان بيماريءَ جو نالو چڪن گونيا رکيو ويو آهي. هي بيماري هڪ وائرس(CHIKV) جي ڪري ٿئي ٿي. هي مرض گهميل آبهوا ۾ وڌيڪ ڦهلجي ٿو.
چڪن گونيا جو پاڪستان ۾ پهريون ڪيس 2016ع ۾ ظاهر ٿيو هو ٽيسٽن ڪرڻ کانپوءِ خبر پئي تہ اهو مرض هڪ هزار مريضن کي متاثر ڪري چڪو آهي.
چڪن گونيا جو مرض مڇرن وسيلي ڦهلجي ٿو ۽ دنيا ۾ تقريبن 60 ملڪن ۾ دريافت ٿي چڪو آهي. هن بيماري ۾ موت جا امڪان بيحد گهٽ آهن پر هن مرض ۾ مريض کي شديد تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.هن بيماريءَ جون علامتون زهريلي مڇر جي چڪ هڻڻ کانپوءِ 3 کان 7 ڏينهن ۾ ظاهر ٿين ٿيون. جنهنڪري متاثر مريض کي جسم ۾ سور، جوڙن ۾ سور، الٽيون، ۽ جسم ۾ تمام گهڻي ساڻائي ۽ سستي ٿئي ٿي. چڪن گونيا جي ٽيسٽ وغيره رت مان ٿئي ٿي جنهن کانپوءِ ئي مرض جي خبر پئجي سگهي ٿي.
هن مرض ۾ مبتلا مريض کي 101 ڊگريءَ فارن هائيٽ کان 104 ڊگري فارن هائيٽ تائين بخار پڻ رهي سگهي ٿو ڪن مريضن ۾ وري خارش جو مسئلو پڻ نمودار ٿئي ٿو. آمريڪا جي ڊاڪٽرن موجب جسم ۾ رهندڙ سور هڪ مهيني تائين بہ رهي سگهي ٿو ۽ آهستي آهستي ختم ٿئي ٿو. چڪن گونيا جو خاص علاج يا ويڪسين موجود نہ آهي يا هن جو خاص علاج موجود ناهي پر سور ۽ بخار کي ختم ڪندڙ دوائن جي استعمال سان مريض ست کان ڏهن ڏينهن جي اندر چڱو ڀلو ٿي وڃي ٿو.
اڪثر ڊاڪٽر وري ڪافي مقدار ۾ پاڻي پيئڻ ۽ آرام ڪرڻ جو پڻ مشورو ڏين ٿا.ڪجھ مشهور ڊاڪٽر آرام سان گڏ هلڪي ڦلڪي ورزش جو پڻ مشورو ڏين ٿا تہ جيئن جسم جي سور کان جلدي ڇڏائي سگهجي ڪن حالتن ۾ سور ڪافي مهينن تائين رهي سگهي ٿو. هن مرض ۾ وٽامن سي، وٽامن ڊي، اميگا3 واريون دوائون ۽ سايون ڀاڄيون پڻ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. هي بيماري اڪثر برساتن جي موسم ۾ جام ٿئي ٿي ڇو تہ برساتن جي موسم ۾ مڇرن جو تعداد وڌي ٿو.
چوندا آهن تہ احتياط اڌ علاج آهي انڪري ان مرض کان بچاءُ لازمي آهي، انڪري هن تڪيف ڏيندڙ مريض کي مصاليدار کاڌا يا تمام مٺاڻ وارن کاڌن کان پڻ پرهيز ڪرڻ لازمي آهي.ڪوشش ڪجي تہ مڇرن جي واڌ ويجھ کي روڪيو وڃي مڇر مار دوائن جو استعمال ڪجي جسم جي کليل حصن تي مڇرن کان بچاءُ وارو لوشن استعمال ڪجي. ڪپڙا اهڙا پائجن جن سان سڄو جسم ڍڪيل رهي گندگي وارن جڳھين تي گاسليٽ يا ڪيڙي مار دوائن جو ڦوهارو وغيره ڪرائجي، گهرن ۾ موجود درين تي ڄارين جو استعمال ڪجي. ڪوشش ڪري گهٽين يا گهرن جي آسپاس پاڻي کي بيهڻ نہ ڏجي.
0 تبصرے