عمرڪوٽ: ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ پاران ترقياتي منصوبن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت

اجلاس ۾ انجنيئرن پاران مختلف منصوبن ۽ جي ايم اينڊ آر جي پروپوزل ڏيڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي

عمرڪوٽ: ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ پاران ترقياتي منصوبن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت

عمرڪوٽ (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پاران ترقياتي منصوبن جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اجلاس منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي اجلاس ۾ موجود انجنيئرن پاران سال 2024-2025 جي ھلندڙ ترقياتي منصوبن توڙي سال 2023-2024 جي ھلندڙ پروگرام جي اسڪيمن ۽ سال 2024-2025 جي ايم اينڊ آر جي پروپوزل ڏيڻ جي حوالي سان مڪمل بريفنگ ڏني ويئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ سمورن ايڪسي اين ۽ انجنيئرن کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو ته سمورا آفيسر پنھنجي اسڪيمن جو ڪم معياري ۽ حڪومت جي پاليسي مطابق وقت سر مڪمل ڪن، ھن چيو ته سمورن ترقياتي اسڪيمن جي ڪم جي ڪوالٽي کي بھتر کان بھتر ڪيو وڃي، ڪنھن بہ ڪوتاهي جي صورت ۾ لاڳاپيل آفيسرن توڙي ٺيڪيدارن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، ھن چيو ته ترقياتي اسڪيمن تي رکيل فنڊن جو خرچ وقت تي مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي ھدايت ڪندي چيو ته ترقياتي منصوبن جو اوھان پاڻ جائزو وٺي ان جي مڪمل رپورٽ ھر مھيني موڪلي وڃي.ان موقعي تي اجلاس ۾ ايڪسي اين ورڪس اينڊ سروسز عمرڪوٽ، ايڪسي اين ايجوڪيشن ورڪس عمرڪوٽ، ايڪسي اين ھائي ويز عمرڪوٽ، ايڪسي اين بلڊنگ ميرپورخاص، ايس ڊي او پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ عمرڪوٽ, ضلعي انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي سميت سمورن لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.