عمرڪوٽ ۾ ننڍي عمر جي شادين جي روڪٿام بابت قانون تي عمل ڪرائڻ ۽ آگاهي بابت سيمينار منعقد

عمرڪوٽ ۾ ننڍي عمر جي شادين جي روڪٿام بابت قانون تي عمل ڪرائڻ ۽ آگاهي بابت سيمينار منعقد

عمرڪوٽ ۾ ننڍي عمر جي شادين جي روڪٿام بابت قانون تي عمل ڪرائڻ ۽ آگاهي بابت سيمينار منعقد

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) سڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن عمرڪوٽ پاران انڊس ريسورس سينٽر ۽ چانن ڊيوولوپمينٽ ايسوسيئيشن پاران ينگ امنگ پروجيڪٽ جي تحت ننڍي ڄمار جي شادين جي روڪٿام جي قانون 2013 سنڌ تي عملدرآمد لاءِ پيروڪاري ۽ آگاهي مهم جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيس عمرڪوٽ ۾ ھڪ آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي سيمينار ۾ ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر عمرڪوٽ عبدالحميد ميمڻ، نيشنل لابنگ ڊيليگيشن جي ميمبر سروپچند مالھي، سڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن جي محمد بخش ڪنڀر، سماجي تنظيم سي ڊبليو ايس اي جي عيدل ڪنڀر، پروجيڪٽ مئنيجر ميڊم صبا رنداوا، ڊاڪٽر پوجا کتري، پاپوليشن ويلفيئر ڊيپارٽمينٽ جي اسٽاف، ڊاڪٽرس، سول سوسائيٽي آرگنائيزيشنس ۽ گورنمنٽ اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر عمرڪوٽ عبدالحميد ميمڻ پاران مھمان خصوصي طور تي سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته دنيا جي هر معاشري۾ ٻارجو معاشرتي ۽ اخلاقي رتبو آهي، دورجديد ۾ ٻارن جي حقن جوتحفظ ڪرڻ وارونمايان دستاويزاقوام متحده جي ٻارن جي حقن جوعالمي مهاعدو(UNCRC) آهي جنهن ۾ ٻارن جي بنيادي حقن جو ذڪر ڪيل آهي، اسان جي سماج ۾ ڌيئرن جي باري ۾ ٻه ڳالهيون هر ڪنهن جي زبان تي هونديون آهن، ڌيئرون بار هونديون آهن جيترو بار جلد لاهجي بهتر آهي“، ”ڌيئرون پرايو ڌَڻ آهن“ننڍپڻ جي شادي نياڻين کي صنفي اڻبرابري،غربت،گهريلوتشدد ڏانهن ڌڪي ٿي، نياڻين جي تعليم جو نه هجڻ آهي جيڪڏهن نياڻيون اسڪول وڃن ٿيون ته به پنج درجا پاس ڪرڻ کانپوءِ انهن کي اڳتي ڪونه ٿو پڙهايو وڃي ۽ انهي کي جهالت جي اونڌاهي ۾ ڌڪي معصوم گلڙن جي خوابن جو سرعام قتل ڪيو وڃي ٿو، ان موقعي تي سڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن جي محمد بخش چيو ته ينگ امنگ پروجيڪٽ جو مقصد زندگي گذارڻ جي مهارتن جي تعليم جي ڄاڻ ڏيڻ، توليدي صحت جي حقن کي فروغ ڏيڻ، ڇوڪرين توڙي ڇوڪرن جي ڄاڻ ۽ قابليتن ۾ واڌارو ڪرڻ، ننڍي ڄمار جي شادين جي رواج کي ختم ڪرڻ، جو خاتمو، ڇوڪرين کي فيصلا سازي ۾ شامل ڪرڻ ۽ ننڍي ڄمار ۾ شادين جي روڪٿام جي قانون 2013 سنڌ بابت معلومات ڏيڻ آهي، ان موقعي تي سروپچند مالھي خطاب ڪندي چيو ته ننڍي ڄمار جي شادي جو شڪار نه صرف ڇوڪريون پر ڇوڪرا به ٿين ٿا، پر ڇوڪريون ڇهوڻ تي ننڍي ڄمار ۾ شادين جو شڪار ٿين ٿيون ۽ پاڪستان عالمي سطح تي ننڍي ڄمار ۾ شادين جي شرح جي حوالي سان ڇهين نمبر تي آهي، عيدل ڪنڀر پاران سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته ننڍي ڄمار جي شادي صنفي اڻ برابري کي هٿي ڏئي ٿي ۽ ڇوڪرين کي بنيادي حقن کان محروم ڪري ٿي، آزادي کسي ٿي ۽ ڇوڪريون توڙي ڇوڪرا تعليم جي حق کان محروم ٿين ٿا ۽ خاندان توڙي ملڪ معاشي طور ڪمزور ٿئي ٿو ۽ معاشري غربت پڻ وڌي ٿي، ان موقعي تي ڊاڪٽر پوجا کتري خطاب ڪندي چيو ته ننڍي ڄمار جي شادي جا صحت تي پڻ هاڃيڪار نقصان ٿين ٿا وقت کان پهرين حمل ٿيڻ ڪري ماءُ ۽ ٻار جي مرڻ جي شرح به وڌي ٿي ۽ ماءُ ۽ ٻار غذائي قلت، رت جي گھٽتائي جو شڪار پڻ ٿين ٿا، ان موقعي تي پروجيڪٽ مئنيجر ميڊم صبا رنداوا خطاب ڪندي چيو ته ننڍي ڄماري جي شادي جي ڪري گھريلو تشدد، صنفي اڻ برابري نفصياتي بيمارين ۾ واڌارو، طلاق جي شرح ۽ خود ڪشين ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي، ان موقعي تي پونجراج بجير ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.