نوشهروفيروز ۾ آل سنڌ پيپلز پيراميڊيڪل اسٽاف جو رٿيل اجلاس ملتوي

نوشهروفيروز ۾ آل سنڌ پيپلز پيراميڊيڪل اسٽاف جو رٿيل اجلاس ملتوي

نوشهروفيروز ۾ آل سنڌ پيپلز پيراميڊيڪل اسٽاف جو رٿيل اجلاس ملتوي

نوشهروفيروز (ڊر) آل سنڌ پيپلز پيراميڊيڪل اسٽاف پاران نيشنل پروگرام جي ليڊي ھيلٿ ورڪرز ۽ سپروائزر سان پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر خالده ۽ پروگرام جي ڪلارڪ اظهر منهاس جي بداخلاقي ۽ بدڪلامي ڪرڻ خلاف اڄ رکيل اجلاس سينئر اڳواڻ هدايت الله سولنگي جي مامي علي حسن سولنگي جي دل جي دوري سبب لاڏاڻي تي ملتوي ڪيو ويو۔ ٻيهر اجلاس جو اعلان جلد ڪيو ويندو اهڙن خيالن جو اظهار ضلعي صدر حفيظ الله راڄپر۔ منظور ملڪ نصرت وسطڙو۔ ڊويزنل صدر اعجاز راڄپر۔ ممتاز علي عالماڻي۔ صوبائي اڳواڻ محمد اسماعيل کوسو ۽ ٻين پنهنجي گڏيل بيان ۾ ڪيو۔ اڳواڻن چيو ته ضلعي جي پروگرام ڪواڊينيٽر ذاتي جاگير سمجهي هيلٿ ورڪرن ۽ سپروائيزرن کي اجايو تنگ ڪرڻ سان گڏ پنهنجي مڙس يوسي چيئرمين نعمت الله وسطڙو جي معرفت موتمار ۽ نوڪري وڃائڻ جون ڌمڪيون ڏياري رهي آهي جنهن جي شڪايت ڊي۔ايڇ او نوشهروفيروز کي پڻ ڏني پر ڪوبه تدارڪ نه ڪيائين جنهنڪري ايندڙ حڪمت عملي جلد پڌري ڪئي ويندي ڇوته ڊي۔ايڇ او آفيس ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي ويئي آهي۔ خاص طور تي نيشنل پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر ۽ پروگرام جي ڪلارڪ اظهر منهاس آفيس کي پنهنجي ذاتي جاگير سمجهي هلائي رهيا آهن جن خلاف جلد تحريڪ جو اعلان ڪنداسين۔