ڏوڪري: پ پ جو اڳوڻو ايم پي اي عزيز احمد جتوئي لاڏاڻو ڪري ويو، ڳوٺ محرابپور ۾ جنازي نماز ادا

ڏوڪري: پ پ جو اڳوڻو ايم پي اي عزيز احمد جتوئي لاڏاڻو ڪري ويو، ڳوٺ محرابپور ۾ جنازي نماز ادا

ڏوڪري: پ پ جو اڳوڻو ايم پي اي عزيز احمد جتوئي لاڏاڻو ڪري ويو،  ڳوٺ محرابپور ۾ جنازي نماز ادا

ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪري ويجھو پ پ جو اڳوڻو ايم پي اي عزيز احمد جتوئي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، رات دير سان عزيز احمد جتوئي کي دل جو دورو پيو، کيس لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو جتي ھن دم ڌڻي حوالي ڪيو، اڳوڻي ايم پي اي عزيز احمد جتوئي جي جنازي نماز جتوئي هائوس محراب پور ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ پ پ ايم اين اي نظير احمد ٻگهيو، پ پ اڳواڻ طارق سيال، پ پ اڳواڻ علي ڏنو گاڏهي سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن ۽ جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي اڳوڻي ايم پي اي جي جنازي نماز درگاھ ٽنڊو سائينداد جي پير عبدالوحید جان سرهندي پڙهائي، سوين آلين اکين سان اڳوڻي پ پ ايم پي اي عزيز احمد جتوئي کي ڏوڪري ويجھو ڳوٺ محراب پور واري اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، اڳوڻي ايم پي اي جي پٽن جليل احمد، متين احمد ۽ سندس ڀاءُ (ر) ڪرنل نظير احمد سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، عزيز احمد جتوئي ڏوڪري واري تڪ پي ايس 41 تي ٽي ڀيرا پ پ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي چونڊيو هو ، اڳوڻي صدر مشرف جي ڪاري دور ۾ بہ پ پ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي چونڊيو هو