دڙو رورل ھيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽرز تي حملي خلاف سجاول ۾ ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج

دڙو رورل ھيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽرز تي حملي خلاف سجاول ۾ ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج

دڙو رورل ھيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽرز تي حملي خلاف سجاول ۾ ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج

سجاول )گلشيرميربحر( آر ايڇ سي دڙو ۾ ڊاڪٽر ميل ۽ فيميل ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف تي ڪجھ ڏينھن اڳ ڪجھ شر پسندن پاران حملو ڪري کين يرغمال بڻايو ويو جنھن خلاف اڄ سول اسپتال سجاول ۾ سڀني يونين پاران ھڪ ٿي ڪري احتجاجي رڪارڊ ڪري او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، ا احتجاج ۾ ينگ پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن ،پاڪستان پيراميڊيڪل ايسوسيئيشن 041، ۽ پيپلز پيراميڊيڪل ايسوسيئيشن جي عھديدارن شرڪت ڪري حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ DHO سجاول ssp سجاول کي نوٽيس وٺڻ ۽ شر پسند عناصرن کي فوري گرفتار ڪري ملازمن کي تحفظ فراھم ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو، عمل نہ ٿيڻ جي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو .