English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رسول بخش پليجو سنڌو درياھ جو وڪيل ھو: اياز لطيف پليجو
views
|
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجي جي سالگرهه اڄ ملهائي ويندي
حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ پاران سڀاڻي (اڄ) عظيم مفڪر رسول بخش پليجو جي 95 سالگرھ سڄي سنڌ ۾ ملھائي ويندي.ان سلسلي ۾ سڄي سنڌ ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون آھن. قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ سميت سمورن محاذن جا مرڪزي اڳواڻ عظيم مفڪر رسول بخش پليجو جي جدوجھد تي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندا. قومي عوامي تحريڪ سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو صاحب مضبوط دليلن سان سنڌ جي پاڻي جو ڪيس وڙھيو، رسول بخش پليجو صاحب سنڌو درياھ جو وڪيل ھو ھن سڄي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهرن ۾ وڃي ھارين، مزدورن، عورتن، شاگردن ٻارن کي بيدار ڪيو. رسول پليجو اھا يونيورسٽي ھو، جنھن سنڌ جي عوام کي عالمي ادب، ترقي پسندي، روشن خيالي، انسان دوستي، مظلوميت جو طرفداري، انتھاپسندي، ڪرپشن خلاف ۽ رات جي رھزنن سان وڙھڻ سيکاريو۔اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو صاحب سنڌو درياھ تي ڌاڙي، ڪالاباغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال، غير قانوني پرڏيھين، مھاجر صوبي، ون يونٽ، زمينن جي نيلامي، پيپلز پارٽي جي ڪرپشن خلاف بي مثال تحريڪون ھلائي لازوال ڪاميابيون حاصل ڪيون.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ صوبو آھي. سنڌ جو تيل، گئس ۽ ٻيا وسيلا وفاق جي حوالي آھن. سنڌ جي ڪمائي تي سڄو ملڪ ھلي ٿو. سنڌ ۾ جتان گئس نڪري ٿو اتي جا ماڻھو گئس جي سھولت کان محروم ڪيا ويا آھن. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بجلي جي لوڊ شيڊنگ سنڌ ۾ آھي. گئيس جي لوڊ شيڊنگ جو عذاب بہ سنڌ ۾ آھي. سڀ کان وڌيڪ مھانگائي بہ سنڌ ۾ آھي. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن بہ سنڌ ۾ آھي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آھي، روزگار ناھي، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي، جھالت ۽ لاقانونيت آھي سنڌ جا ماڻھو عوام دشمن نظام مان بيزار آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
رسول بخش پليجو
0 تبصرے