عمرڪوٽ ۾ حادثي دوران فوت ٿيل چئن ڀاتين سميت 5 ڄڻن کي ڀيٽا پيش

حادثي وقت شريمتي جنتا ٻائي جي پرس مان 8 تولا سون، روڪ رقم ۽ فوتين جا موبائل فون پڻ چوري ٿي ويا هئا: اڳواڻ

عمرڪوٽ ۾ حادثي دوران فوت ٿيل چئن ڀاتين سميت 5 ڄڻن کي ڀيٽا پيش

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پنج ڏينهن اڳ عمرڪوٽ ڀرسان سان سونپور وٺ مزدا ۽ ڪلٽس ڪار جي ٽڪر جي نتجي ۾ ھڪئي خاندان جي چار ڀاتي ۽ ڊرائيور سميت پنج ڄاڻا فوت ٿيا ھئا جن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء عمرڪوٽ جي شھرين سماجي اڳواڻن پاران پريس ڪلب آڏو فوتين جي تصويرن آڏو ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي فقير غلام نبي منگريو فقير موحب منگريو ڀرت بنسي مالھي حاجي ساند مشتاق مھر ولي محمد مھر رھوال واڳاڻي اميت مالھي ديوان مالھي ساگر مالھي گل بجير سميت ٻئين شرڪت ڪئي ان موقعي ته اڳواڻن چيو ته اسان انهيَ ڏک ڀري واقعي۾ وارٽن سان ھمدردي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ اسان کي دلي ڏک پھتو آهي ھنن چيو ته ٽريفڪ قانون ته عمل نه ٿيڻ ڪري اھڙا واقعا روز جو معلوم بڻيل آهن جڏهن ته ۽ ڪيترن مائرون جون ھنجون کالي ٿي رھيون آهن اسان جا چونڊيل نمائيندا اسان وٺ اچن ٿا اسان کان واعدا ڪري وڃن ٿا ان ته عمل نٿو ٿئي ان ته عمل ڪرائيو وڃي ته جئين ماڻهن کي رليف ملي سگهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته حادثي وقت شريمنتي جنتا ٻائي جي پرس مان اٺ تولا سون روڪ رقم ۽ فوتين جا موبائل فون پڻ واقعي واري ھنڌ تان ڪجهه بحرم ماڻهو کڻي ويا آهن انسانيت جو ڪنڌ جھوڪائي ڇڏيو آهي ۽ اسان مان انسانيت موڪلائيندي پئي وڃي ھڙن عناسرن خلاف قانون ڪراوائي ڪئي وڃي