ڪراچي جي شاهه لطيف ٽائون ۾ سنڌياڻي تحريڪ قيو اي ٽي پاران گڏجاڻي منعقد
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌياڻي تحريڪ (QAT) ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن ياسمين چانڊيو ۽ پرھ امر مگسي ڪراچي جي شاھ لطيف ٽائون ۾ سنڌياڻين جي گڏجاڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ياسمين چانڊيو ڳالھائيندي چيو تہ سياست سان گڏ زندگي جي ھر شعبي ۾ جيستائين عورتن جو ڪردار شامل نہ ھوندو ڪاميابيون ممڪن ناھن عورتن کي برابري واري حق کانسواء ڪو بہ سماج اڳتي نٿو وڌي سگھي مسئلن کي عورت سڀني کان وڌيڪ ڀوڳي ٿي، پوء اھو مسئلو غربت جو ھجي، مھانگائي جو ھجي، ڪرپشن ، بيروزگاري، تعليم جي تباھي، صحت جي سھولتن جي اڻ ھوند يا اڻ برابري ۽ جھالت جو ھجي تعليم مسئلن جو حل آھي۔ سڌريل سماج تعليم رستي اڳتي وڌيا آھن، عورت ۽ ٻارن کي عزت ۽ حيثيت، برابري واري حق سان اڳتي وڌيا آھن ياسمين چانڊيو چيو تہ پيپلز پارٽي پنهنجي اقتداري دور ۾ سنڌ جي انچ انچ کي نيلام ڪري ڇڏيو آهي گرين پاڪستان ۽ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. گرين پاڪستان سنڌ جي زمينن جي نيلامي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش آهي. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي اڳواڻ پرھ امر مگسي ڳالھائيندي چيو تہ آصف علي زرداري سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي لاءِ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ جي منظوري ڏئي ست ڪروڙ سنڌين جي موت جو پروانو جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌو درياءَ قتل ٿيڻ سان ڪروڙين زندگيون، سنڌ جي ھزارين سالا ثقافت ۽ تھذيب موت جو گرھ بنجي ويندي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي لکين ايڪڙ سنڌ جي زمين ڀڙڀانگ ڪئي وئي آھي. سنڌو درياھ مان وڌيڪ 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان درياھ مڪمل سوڪھڙي جو شڪار ٿي ويندو جنھن سان سنڌ ايٿوپيا، صوماليا ۽ ريگستان بڻجي ويندي پرھ امر مگسي چيو تہ سنڌو درياھ سميت سنڌ جي وسيلن جي حفاظت رڳو مردن جو فرض نہ آهي، پر عورتن ۽ ٻارڙن جو ڪردار بہ ايترو ئي اهم آهي. اس سڀني تي لازم آهي تہ درياء تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف گڏجي جدوجهد ڪجي ۽ پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪجي۔
0 تبصرے