عمرڪوٽ ۾ عوامي تحريڪ پاران زمينن تي قبضن ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف ريلي ۽ بک هڙتال

تڪراري ڪئنالن سميت سنڌ دشمن منصوبا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبا. سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن: اڳواڻ

عمرڪوٽ ۾ عوامي تحريڪ پاران زمينن تي قبضن ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف ريلي ۽ بک هڙتال

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ ڇھ ڪئنالن خلاف عمرڪوٽ عوامي تحريڪ طرفان بک هڙتال ۽ ٿر ايڪشن ڪميٽي پاران ٿر بازار کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. خبر موجب سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان عمرڪوٽ پريس ڪلب اڳيان هڪ ڏينهن لاءِ بک هڙتال ڪئي وئي. جنھن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، اديب ۽ دانشور ميرحسن آريسر، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڊويزنل صدر روشن منگريو، شاعر حاجي ساند، گل بجير٠عوامي تحريڪ ضعلي عمرڪوٽ جي صدر ھريش مالھي ۽ ٿر ايڪشن ڪاميٽي جو صدر خالق سمون ۽ متاثر ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. بک هڙتال کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبا. سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، پيپلز پارٽي سرڪار جنرل ايوب جيان سنڌ جون زمينون نيلام ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ون يونٽ کان وڌيڪ خطرناڪ مارشل لا مڙهي ڇڏي آهي. عمرڪوٽ صلعي جي 14 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ڪمپني کي ڏني وئي آهي، ساڳي ڪمپني کي ضلعي جي هڪ لک نوي هزار ايڪڙ وڌيڪ زمين ڏيڻ جون به رپورٽون اچي رهيون آهن، ڳوٺاڻن کي زبردستي لڏائي زمينون ڪمپنيءَ حوالي ڪري انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتي ۽ درياء جي حفاظت ڪندو، پرامن جمھوري جدوجھد جاري رهندي. ٿر جي ڳوٺاڻي عبدالخالق سمون چيو ته اسان جا اڀا ڏاڏا پاڪستان ٺھڻ کان اڳ جا رھواسي آهن انهن زمينن ته ٿر جي مارو ماڻهن جو حق آهي انهن کي ڏنيون وڃن ڪجهه وقت اڳ ۾ اھو چيو پي ويو ته ٿر ۾ پاڻي جو ڪئنال ڏنو وڃي پر ھئنر ان جي ابتڙ اسان کي پنهنجي زمينن کان بي دخل ڪيو ويو وڃي سنڌ حڪومت انهيَ ته فوري طور ته نوٽيس وٺي غريب مارو ماڻهن سان انصاف ڪيو وڃي ايس يو پي جي ڊيويزن صدر روشن منگريو چيو ته آهي اھي ڪئنال ڪڍي چوليستان ٿر جون زمينون انهيَ کي اسين قبول نٿا ڪيون عمرڪوٽ ضعلي جي چوڏاھن ھزار زمين جو فيصلو اعواني صدر ۾ ٿيو آهي جنهن کي اسين ڪنهن به صورت قبول نٿا ته ڪيون ھتان کان چونڊيل نمائيندا پنهنجي علائقي جو آواز اسمبلين ۾ ڇو نٿا اٿارين ڪئنال ۽ زمينن خلاف جيڪو به احتجاج ڪندو انهيَ جي ايس يو پي حمايت ڪندي سماجي اڳواڻ مير حسن آريسر چيو ته بک ھڙتالي ڪيمپ ته ٿر ايڪشن ڪاميٽي جا اڳواڻ ۽ ٿر جا ڳوٺاڻا احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب پھتا جتي انهن عوامي تحريڪ پاران بک ھڙتالي ڪيمپ ۾ شرڪت ڪئي انهن چيو ته اسان سان ظلم ٿي رھيو آهي سنڌ حڪومت انهيَ فيصلي ته نظر ثاني ڪري جيڪي زمينون ڪمپني حوالي ڪيون آهن انھن کي رد ڪري زمينون ٿر جي ماڻهن کي ڏنيون وڃن جيڪي سوين سالن کان ھتي آباد آهن