English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ شھرين جو واپڊا عملي خلاف احتجاج
views
|
04th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ شھرين جو واپڊا عملي خلاف احتجاج
نوشهروفيروز( ڊ ر) نوشهروفيروز۾ واپڊا جي آزار شهرين ڏانهن واڌو بل موڪلڻ ۽ من پسنڌ ماڻهن کي هٿ سان بجلي وڪرو ڪرڻ واري عمل خلاف شهرين سياسي سماجي ڌرين علي حيدر. محمد سليم.وزيرعلي.آصف علي .گلشير.نويد علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ واپڊا جي ايس ڊي او ۽ لائن مينن خلاف نعري بازي ڪندي داهيندي چيو آهي .ته نوشهروفيروز ۾ جنهن ڏينهن کان واپڊا جو ايس ڊي او نديم جوکيو مقرر ٿي آيو آهي. ان سڄي شهر اندر پنهنجي ڪجهه لائين مينن جي هٿ تي سڄي شهر اندر بجلي وڪرو ڪرڻ وارو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ لائن مين جڙيل ڏيٿو.ستارچارڻ .وزيرکوسو. .مجيب سولنگي. ستارچانڊيو. لياقت مري. سهيل سولنگي. جاويد ڀان. اياز ملڪ. ارشاد ميمڻ. وحيد سولنگي. ڪبير وسطڙو. ڄام محسن ۽ ٻيا شامل آهن جن جي هٿ تي سڄي شهر اندر پيٽرول پمپ مالڪن.دڪاندارن .هوٽلن جي مالڪن کي غيرقانوني بجلي ڏني وڃي ٿي جنهن ڪري جيڪي شهري ميٽر تي صحي بجلي ٻارن ٿا انهن جي ميٽرن مٿان لائين مين وڌيڪ يونٽ هڻائي انهن ڏانهن 10 هزارن کان 20 هزارن تائين واڌو بل موڪلي رهيا آهن جن جي اهڙي عمل جي ڪري شهر اندر رهندڙ شريف شهري تمام گهڻو پريشان ٿي ويا آهن ۽ جيڪي شهري لائين مينن کي ماهوار 5 هزارن کان 10 هزارن تائين رقم هر مهيني ڏين ٿا انهن کي مٿيان لائن مين هر پول ۾ لڳل جڳاڙي ميٽرن مان لائن ڇڪي ڏئي رهيا آهن اهڙا ڪيترائي ميٽر لڳايا ويا آهن جن ميٽرن تي ماهوار بل 500 سوءُ کان هڪ هزار تائين موڪليو وڃي ٿو ۽ انهن ميٽرن مان 10 کان 20 شهرين کي بجلي هڻي ڏني وڃي ٿي اهڙي طرح نوشهروفيروز شهر اندر ايس ڊي او واپڊا نديم جوکيو سري عام بجلي وڪرو ڪرڻ وارو ڪاروبار ڪري رهيو آهي جنهن جي خلاف قدم کڻي ميٽر تي بجلي ٻاريندڙ شهرين ڏانهن ايندڙ واڌو بلن جو سلسلو بند ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا

Advertisement
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
شهرين ڏانهن واڌو بل موڪلڻ
Advertisement
0 تبصرے