English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ ۾ اڃا تائين پنج سئو افغاني بھ گرفتار ناھن ڪيا ويا: اياز لطيف پليجو
views
|
14th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ اڃا تائين پنج سئو افغاني بھ گرفتار ناھن ڪيا ويا: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد)بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ غير قانوني افغانين خلاف آپريشن نظر اچي ٿو، لکين افغاني واپس ٿي چڪا آھن ۽ سنڌ ۾ اڃا تائين پنج سئو افغاني بہ گرفتار ناھن ڪيا ويا. سنڌ ۾ آپريشن جي نالي ۾ ڊرامو ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ لکين غير قانوني افغاني ۽ ٻين پرڏيھين کي شناختي ڪارڊ ۽ ٻيا ڪاغذ ٺاھي ڏيندڙ عملدارن کي گرفتار ڪري انھن کي نوڪرين مان خارج ڪيو وڃي. رشوت ڏئي جعلسازي سان شناختي ڪارڊ ۽ ٻيا ڪاغذ ٺھرائيندڙ اليگل اميگرينٽس کي پڪڙي واپس پنھنجي ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. . اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپٽ مافيا سنڌ جي وسيلن ۽ وحدت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آھي. لکين ايڪڙ زمين بلڊر مافيا جي قبضي ۾ آھي. ڪڏھن ڪارونجھر، ڪڏھن ڪوھستان، ڪڏھن ساحلي پٽي، ڪڏھن ٻيٽ وڪرو ڪيا وڃن ٿا.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومت ۾ ترقياتي ڪمن جي نالي ۾ اربين روپيا خرچ ڪيا ويا آھن پر سنڌ ۾ ھڪ بہ اھڙي يونين ڪاؤنسل ناھي جيڪس ماڊل ھجي ۽ سموريون بنيادي سھولتون ھجن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ 18 ضلعن ۾ ماڻھن کي گٽر مليل پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪيو وڃي ٿو. شھر ڪچري جو ڍير ۽ ٻھراڙيون کنڊر بنيل آھن. ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ پاران سڀاڻي (اڄ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي 55 ھين سالگرھ سڄي سنڌ ۾ ملھائي ويندي. جڏهن تہ نصيرآباد شهر ۾ اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ محبت سنڌ ريلي ڪڍي ويندي.ريلي کانپوءِ سالگرھ ۽ محبت سنڌ جلسي عام ڪيو ويندو جنھن م 20 پائونڊ سالگرھ جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويندو. سنڌياڻي ثقافتي گروپ پاران قومي گيتن تي ٽيبلوز ڪيا ويندا، آخر ۾ محفل موسيقي ٿيندي جنهن ۾ مشهور نالي وارا فنڪار منظور سخراڻي، خوشبو لغاري ۽ ٻيا فنڪار قومي گيت پيش ڪندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 16 ڄڻا گرفتار
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
راجا رنجيت سنگهہ ۽ طوائف موران جي ڪهاڻي
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مطالبن ۽ مالي وسيلن وچ ۾ توازن جي ڳولا
03rd Jul 2025
•
سندھ
وفاقی محتسب نے ای او بی آ ئی سے نان رجسٹرڈ کمپنیوں کی تفصیلا ت ما نگ لیں
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 16 ڄڻا گرفتار
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سماجي ۽ سياسي شخصيت شفيع محمد ڄاموٽ جي ڇهين ورسي 7 جولاءِ تي ملهائي ويندي
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو ڏاهو ناميارو سگهڙ منظور سومرو دل جي تڪليف سبب بستري ڀيڙو
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: رزاق آباد ۾ ڪچرو کڻندڙ ڊمپر جي ٽڪر ۾ معصوم ٻارڙو فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
حيدرآباد
افغاني واپس
قانوني افغاني
ڪرپٽ مافيا
0 تبصرے