شڪارپور پوليس پاران منشيات جي کيپ اسمگل ٿيڻ واري ڪوشش ناڪام

لکي غلام شاھھ پوليس 600 گرام آئيس ۽ 3 ڪلو چرس ھٿ ڪري، 2 عورتن کي گرفتار ڪري ورتو

شڪارپور پوليس پاران منشيات جي کيپ اسمگل ٿيڻ واري ڪوشش ناڪام

شڪارپور (زوھيب سمون) شڪارپور پولیس جي ڪامیاب ڪارروائي، منشیات جي کيپ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام. ٿاڻي لکي غلام شاھ پولیس 600 گرام آئیس ۽ 3 ڪلو چرس ھٿ ڪري، 2 عورتن کي گرفتار ڪري ورتو، ڪيس داخل. ایس ایس پي شڪارپور خالد مصطفیٰ ڪورائي جي طرفان سخت حڪم، منشیات جي روڪٿام / اسمگلنگ کي مدنظر رکندي ٿاڻي لکي غلام شاھ پولیس جي ڪامیاب ڪارروائي. ایس ایچ او لکي غلام شاھ انسپیڪٽر خالد حسین ڏاھري اسٽاف سميت خفیہ اطلاع تي ڪامیاب ڪارروائي، ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ آھي تھ ڪامیاب ڪارروائي آئیس ۽ چرس اسمگلنگ ڪرڻ تي ڪئي وئي، جنھن کي ناڪام بڻائي ٻن عورتن کي گرفتار ڪري ورتو آھي. گرفتار عورتون لکي غلام شاھ موڙ جي ويجھو سواري جي انتظار ۾ بيٺيون ھيون. گرفتار عورتن جي قبضي مان 600 گرام آئیس اور 3 ڪلو چرس ھٿ ڪيو ويو آهي. گرفتار عورتن جي شناخت تعلقي ڳڙھي ياسين جي رھواسين طور مسمات موران زال ساٿي شر ۽ سڪینہ زال اسد شر جي نالن سان ٿي آھي. جوابدارن جي خلاف نارڪوٽیڪس ایڪٽ جي تحت ڪيس داخل، وڌيڪ جانچ ڪئي پئي وڃي.