نوشهروفيروز جي ضلع چيئرمين حاجي سهيل اختر عباسي سميت چونڊيل نمائندن ايم اين اي ذوالفقار علي بيهڻ ۽ ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو ڏانهن کليل خط
حاجي سهيل اختر عباسي صاحب اوهان يوسي ڦل مان ضلع ڪائونسلر چونڊجي ضلع نوشهروفيروز جا چيئرمين مقرر ٿيل آهيو پر افسوس ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته ضلع ڪائونسل جو چيئرمين يوسي ڦل مان چونڊيل هجڻ باوجود يوسي ڦل جي حالت صفا نڌڻڪي آهي يوسي ڦل صفا يتيم نظر پئي اچي اها يتيمي ڪيئن آهي اچو ته شروع ٿا ڪيون ,ڦل شهر جي چوڌاري سم ۽ ڪلر وڪوڙي ويو آهي سم ۽ ڪلر سبب هزارين ايڪڙ زمينون غيرآباد ٿي ويون آهن جڏهن ته اسڪارپ کاتي طرفان ٺهيل پمپنگ اسٽيشن جون ٽيوب ويلز ڪيتري ئي عرصي کان بند پيل آهن جنهن جي ڪري ڳوٺن جا ڳوٺ تباه ٿي ويا آهن ڪيترائي رهواسي ڳوٺ ڇڏي ٻئي پاسي هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ سندن جو گذر سفر تمام ڏکيو ٿي پيو آهي,ڦل شهر ي جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي ۽ صاف پاڻي جي لاء آراو پلانٽس جي سخت ضرورت آهي پر اهي ناهن ملي سگهيا, ڦل شهر ۾ بجلي جو ته نالو ئي ناهي بس بجلي جون تارون ۽ ٽرانسفارمر آهن باقي بجلي اچي ئي نه ٿي,ڦل شهر ۾ گيس جي ناجائز لوڊشيڊنگ سبب عوام سخت پريشان آهن,ڦل شهر جي يوسي آفيس کان يوسي ڦل آفيس جي چؤديواري ڪريل ته سالن کان هئي پر ست اٺن مهينن کان ان جي پراڻي عمارت آفيس جا وڻ ڪٽرائي اهي وڻ بنا ٽينڊر جي کپائي نئين عمارت ڊي پي سي تائين ٺهرائي هٿ ڪڍيا ويا آهن جنهن سبب يوسي جا ملازم ويچارا اس تي ويهي ڪم ڪار ڪن پيا ,ڦل شهر جو ڊرينيج سسٽم مڪمل طور ناڪاره آهي پبلڪ هيلٿ جي کوهن تي ڪروڙين روپيا ٺيڪيدار,آفيسرن مبينه طور گڏجي هڙپ ڪري ويا آهن,صفائي جو سسٽم به سڄي شهر ۾ انتهائي ناقص آهي پهريان پنج لک ماهوار ملڻ تي چيو ويندو هيو ته اهي ملازمن جي پگهارن ۾ پورا ٿي ٿا وڃن هاڻي ته ڪيترن ئي مهينن کان ڏه لک ماهوار اچن پيا پر يوسي جو ڪم ڪار اڳ کان به پوئتي آهي,جنهن جو مثال پراڻو ناڪو اسٽاپ,باء پاس اسپتال سامهون روڊ,درياخان مري چؤنڪ,رحمانيه مسجد کان ويندي ٿاڻي تائين واري روڊ تي هروقت بيٺل نالين جو پاڻي جنهن سبب روڊ ئي ڳري ويو آهي ۽ ان کان علاوه سڄي شهر جي محلن ۾ گندگي جو هجڻ آهي ان کان علاوه يوسي ڦل جي ملڪيت پراڻو گوشت مڇي مارڪيٽ تي ٿيل مبينه قبضو ,ڦل شهر ۾ ڪيتري ئي عرصي کان مال جو ڊاڪٽر موجود ناهي جنهن سبب مالوند ماڻهون مال جو علاج پرائيويٽ ڊاڪٽرن کان ڪرائڻ تي مجبور آهن,سرڪاري اسپتال جي بلڊنگ کي ٺهئي پنج سال ٿي ويا آهن پر ان جو عملو مقرر ناهي ٿي سگهيو جنهن سبب اها عمارت بند پئي آهي ان اسپتال ۾ عملو مقرر ڪرائي اسپتال هلرائڻ لاء ڪير به تيار ناهي,بي ايڇ يو اسپتال ۾ دوائون نه ٿيون ملن,سرڪاري اسڪولن جي انتهائي خراب صورتحال آهي سوا سئو سال پراڻو قديمي مين پرائمري اسڪول جتي هزارن جي تعداد ۾ شاگرد هوندا هيا اتي هاڻي عملن وڃي ڪجھ شاگرد بچيا آهن,غريب آباد محلي جو غلام حسين سومرو پرائمري اسڪول جي عمارت صفا زبون ٿي وئي آهي ۽ ان ڪري اتان مائٽ پنهنجي اولاد کي ڪڍي رهياآهن,هنري اسڪول جي عمارت تباه ٿي وئي آهي ان جو عملو ڪٿي آهي ڪا خبر ناهي ۽ ان اسڪول تي قبضا ٿيڻ جا اطلاع آهن,پراڻي سرڪاري کڏ جنهن جو پاڻي پڻ منظور ٿيل آهي ان تي قبضا ٿي ويا آهن,مين گرلس پرائمري اسڪول ڪيتري ئي عرصي کان بند پيل آهي جتي چوپايو مال ٻڌو ٿو وڃي,هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ فرنيچر,استادن,ڪمرن جي سخت کوٽ آهي, سرڪاري ويم گهر ڪيتري ئي عرصي کان بند پيل آهي ۽ اتي مبينه طور هڪ ماڻهو قبضو ڪري ان کي تالا هڻي ڇڏيا آهن جنهن سبب پرائيويٽ ويم گهرن ۾ پرائيويٽ مايون عوام کي ٻنهين هٿن سان لٽي رهيون آهن ۽ انهن هٿان ڪيتريون ئي ڳورهاري عورتون مبينه مرڻ جا اطلاع آهن جن کي عوام رب جي رضا سمجهي چپ آهن ,ڦل جي قديمي قبرستان کي ديوار نه هجڻ سبب قبرستان جي بيحرمتي معمول بڻيل آهي,ڦل شهر ۾ هٿرادو مهانگائي عروج تي آهي مسور جي دال 200 روپيا ڪلو واري 400 روپيا ڪلو ملي رهي آهي ۽ ٻيون به روزانه ضرورت وارين شين جهڙوڪ سبزي,مڇي,گوشت وغيره پڻ مارڪيٽ کان وڌيڪ اگھن تي وڪرو ٿي رهيا آهن پر انهن کي ڪير به چوڻ وارو ناهي,ڪيميڪل مليل کير وڪامجي رهيو آهي,زرعي فصلن واريون نقلي دوائون عوام کي ڏنيون پيون وڃن پر انهن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي,مطلب ته ڦل شهر ۾ ڪابه سهولت موجود ناهي ۽ ڳوٺن جي صورتحال ته ان کان به وڌيڪ خراب آهي ۽ انهن مسئلن بابت ڦل شهر جي صحافين پنهنجو فرض تمام ايمانداري سان ادا ڪندي رپورٽنگ ڪئي آهي ۽ اهي مسئلا اوهان ۽ ٻين چونڊيل نمائندن آفيسرن جي ذاتي واٽس اپ تي موڪليندا ٿارهن پر آفيسرن سميت سڀ خاموش آهن ڪير به نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناهي ان مسئلن جي حل طرف ڪنهن جو به ڌيان ناهي ,نه اوهان ضلع چيئرمين جو نه ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو جو نه ايم اين اي ذوالفقار علي بهڻ جو ۽ نه ئي پيپلزپارٽي عهديدارن جو بس سڀ پنهنجي خود جي ذاتي مسئلن جي حل لاء جاکوڙي رهيا آهن ڪنهن کي به عوام جي ان ڏکيائين کي ختم ڪرڻ جو ڪوبه خيال ناهي ان لاء هڪ دفعو وري اوهان سميت سڀني چونڊيل نمائندن سميت اعلي' آفيسرن کي هٿ ٻڌي گذارش ٿي ڪجي ته خدار ڦل شهر جي مسئلن بابت نوٽيس وٺي انهن کي حل ڪرايو وڃي ته جيئن ايندڙ اليڪشنن ۾ اوهان کي اها ساڳئي عزت ۽ ووٽ ملي سگهن جيئن اڳ مليا آهن نه ته عوام ايندڙ اليڪشن ۾ اوهان کي ووٽ ڏيڻ بابت ضرور سوچيندو ۽ اگر عوام سجاڳ ٿي ويو ته احتجاج ڪرڻ به سندن جو بنيادي حق آهي ۽ اهي اهو حق استعمال ڪري سگهن ٿا۔
0 تبصرے