سيف سنڌ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاران اي ڪيو خان اسڪول اينڊ ڪاليج ڪيمپس اسپتال جو دورو

دوري جو مقصد شاگردن، انتظامي ٽيم ۽ استادن کي سالياني امتحان ۾ نمايان نتيجا حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيڻ هو

سيف سنڌ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاران اي ڪيو خان اسڪول اينڊ ڪاليج ڪيمپس اسپتال جو دورو

اسلام آباد (پ ر)مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن عبدالڪبير قاضي ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول سسٽم اينڊ ڪاليج ابراهيم ڪيمپس اسلام آباد جو دورو ڪيو. دوري جو مقصد شاگردن، انتظامي ٽيم ۽ استادن کي فيڊرل بورڊ جي سالياني امتحان 2023ع ۾ نمايان نتيجا حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيڻ هو. مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول سسٽم اينڊ ڪاليج ابراهيم مئنيجمينٽ ٽيم سان ملاقات ڪئي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسڪالر شپ پروگرام زاهد محمود کيس نتيجن ۽ ڪاميابين جي حوالي سان بريفنگ ڏني.ايم ڊي ايس اِي ايف جي مئنيجمينٽ ٽيم سان ملاقات ڪئي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسڪالر شپ پروگرام مسٽر زاهد محمود کيس سيف جي سهڪاري شاگردن جي نتيجن ۽ حاصلات جي حوالي سان بريفنگ ڏني. مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن شاگردن سان ڪيريئر ڪائونسلنگ تي هڪ سيشن ڪيو ۽ انهن جي ڪاميابي جي رستي ۾ مختلف چئلينجن جي باري ۾ رهنمائي ڪئي ۽ شاگردن سان هڪ بهترين سوال/جواب سيشن ڪيو. مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن عبدالڪبير قاضي چيو ته رڳو ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ فيلڊ ناهي ، ميڊيڪل ۾ ايم بي بي کانسواءِ ٻيون 25 فيلڊون بيون آهن ، آءِ ٽي به وڏي فيلڊ آهي . سنڌ سرڪار يونيورستي توڙي پروفيشنل ڪاليجن جي شاگرن کي به انڊومينٽ فنڊ اسڪالرشپ ذريعي سهڪار ڪري ٿي . ايس او ٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن عبدالڪبير قاضي ڊاڪٽر اي ڪيو خان جي دائريڪٽر کي خاطري ڪرائي ته ايندڙ سال سنڌ مان ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول اينڊ ڪاليج کي وڌيڪ سيٽون ڏنيون وينديون ايس اوٽي جنهن بعد مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن عبدالڪبير قاضي شاگردن ۽ استادن ۾ ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا. مئنيجنگ ڊائريڪٽر محترم عبدالڪبير قاضي ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول سسٽم اينڊ ڪاليج ابراهيم ڪيمپس جي ٽيچنگ فيڪلٽي سان ملاقات ڪئي ۽ شاگردن جي ڪاميابي لاءِ سندن ڪوششن کي ساراهيو .هن هدايت ڪئي ته هو ٻارن جي سار سنڀال بهتر نموني ڪن. نيڪ تمنائن جي ساراهه سان سيشن جي پڄاڻي مثبت انداز ۾ ٿي.مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن عبدالڪبير قاضي محسن پاڪستان ڊاڪٽر مرحوم عبدالقدير خان جي مزار تي حاضري ڏني جتي هن فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چاڙهي.ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول سسٽم اينڊ ڪاليج ابراهيم ڪيمپس اسلام آباد پاران ايم ڊي سيف عبدالڪبير قاضي جو قيمتي وقت ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو