عوام جي خدمت اسان جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي: زاهد حسين رند
سجاول (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند جي صدارت هيٺ سمورن لاڳاپيل کاتن سيمت ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ مُلڪي ۽ غير مُلڪي اين جي اوز کي مضبوط ۽ هم آهنگ ڪرڻ ۽ مربوط خدمتن خاص طور تي صحت جي بھتر سهولتن جي فراهمي بابت دربار ھال سجاول ۾ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صحت، پي پي ايڇ آءِ، تعليم، لوڪل گورنمينٽ، پاپوليشن ويلفيئر، سوشل ويلفيئر ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کان علاوہ اين آر ايس پي، ايس ايڇ پي ايف، يو اين ايف اي، مليريا پروگرام، پاٿ فائنڊر انٽرنيشنل، سنڌ انٽيگريٽڊ ايمرجنسي هيلٿ سروسز، پاڪستان نيشنل فورم فار وومين هيلٿ، پي اين ايف ڊبليو ايڇ، ڪيئر انٽرنيشنل، مسلم هينڊز، پيني اپيل، آر ڊي ايف، ناؤ پي ڊي ايف مورو مرڪز، اين اسٽاپ، ڊبليو ايڇ او، ڪام نيٽ ۽ ٻين مختلف اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ اين جي اوز جي نمائندن تي زور ڀريو ته اهي ضلعي ۾ معياري صحت جي سهولتن ۽ بهتر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ فائدو پهچي سگهي. هُن صحت کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته پوليو مهم دوران خاص طور تي انڪاري ٻارڙن تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو وڃي ۽ سمورا وسيلا استعمال ڪندي سخت محنت، سچائي ۽ لڳاءُ سان پوليو جي خاتمي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن ضلعي کي پوليو کان پاڪ بڻائي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته صحت جي سهولتن جي فراهمي هر انسان جو بنيادي حق آهي، هڪ صحتمند ماڻهو ئي صحتمند زندگي گذاري سگهي ٿو. هُن چيو ته عوام کي صحت سميت گهربل بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميا جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ان سلسلي ۾ ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. هُن چيو ته ماڻهن کي بنيادي صحت جي سهولتن جي فراهمي کي صرف دعوائن سان نه پر حقيقي معنيٰ ۾ يقيني بڻائڻو پوندو.
0 تبصرے