عمرڪوٽ: سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي بنجر بئاڻڻ جي سازش آهي: ف ليگ اڳواڻ

عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي 78 موري کان اڳيان قائم ٽول پلازا غير قانوني آهي: فقير غلام نبي مڱريو

عمرڪوٽ: سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي بنجر بئاڻڻ جي سازش آهي: ف ليگ اڳواڻ

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي 78 موري کان اڳيان قائم ٽول پلازا غير قانوني آهي فوري طور تي قائم ٽول پلازا ختم ڪيو وڃي فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير غلام نبي منگريو لياقت علي جوڻيجو جي پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالھ ٻولھ، خبر موجب پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير غلام نبي منگريو ۽ لياقت علي جوڻيجو چيو تہ عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي 78 موري کان اڳيان قائم ٽول پلازا غير قانوني آهي فوري طور تي قائم ٽول پلازا ختم ڪيو وڃي، ھڪ تہ سنڌ سان اڳ به ناانصافيون ٿي رھيون آهن سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي بنجر بئاڻڻ جي سازش آهي، جيڪا سنڌ جي عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي، انهن چيو تي ڪٿي به اھو قانون ناهي آهي تہ روڊ مڪمل نه ٿئي ء ٽول ٽيڪس ورتو وڃي پر عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ مڪمل نہ ٿيو آهي ۽ ٽول پلازا قائم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو لڪڙو لڳائي عوام کان غنڊا ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي جيڪو عمرڪوٽ ۽ ٿر جي عوام سان ظلم آهي نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي ۽ وفاقي حڪومت فوري طور تي نوٽيس وٺي غير قانوني ٽول پلازا ختم ڪرايو وڃي، ھنن چيو تي عمرڪوٽ ۽ ٿر پارڪر مان عوام جي ووٽن سان چونڊيل نمائندا عوام جو آواز اسمبلين ۾ اٿارين ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ عمرڪوٽ ويجهو انتھائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو جنھن جو سبب عمرڪوٽ ميرپورخاص توڙي عمرڪوٽ ڪوٽ غلام محمد روڊ ون وي ھئڻ ڪري حادثه روز جو معمول بڻيل آهن انهن چيو تہ عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص روڊ جو ڪم مڪمل ڪري ون وي ڪرڻ کان پوءِ نيشنل ھاءِ وي وارا ٽول ٽيڪس ڀلي وٺن.