محرابپور ۾ ھزارين جسقم ڪارڪنن جي افغانين جي نيڪالي لاءِ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي

افغاني سموري دنيا ۾ دهشت جي علامت بڻيل آهن، کين فوري طور ڪڍيو وڃي: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

محرابپور ۾ ھزارين جسقم ڪارڪنن جي افغانين جي نيڪالي لاءِ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي

محرابپور ۾ جسقم پاران سنڌ مان افغانين جي نيڪالي لاء وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

شهيد لالا فهيم ميمڻ چوڪ کان بس اسٽاپ تائين محرابپور ۽ ڀرپاسي سميت مختلف شهرن کان آيل جسقم جي هزارين ڪارڪنن پارٽي جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ تاريخي احتجاجي ريلي ڪڍي

ريلي ۾ رواداري تحريڪ جو مرڪزي اڳوان پنهل ساريو، جسقم جو سينئر اڳواڻ سرفراز ميمڻ، فقير امداد منگي، علي رضا خاصخيلي، ايڊووڪيٽ امر امتياز ميمڻ، اخلاق جوکيو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ اڳواڻن چيو ته افغاني سموري دنيا ۾ دهشت جي علامت بڻيل آهن

اقوامي متحده اڳيان سنڌ مان افغانين جي نيڪالي لاء پرامن احتجاج ڪرايا ويندا

اقوامي متحده کي سنڌ مان افغانين جي نيڪالي ۾ پنهنجو اهم ڪرادار ادا ڪرڻ گهرجي

افغانين جي اچڻ سبب سنڌ اندر غيرقانوني ڪمن ۾ واڌ ٿي وئي آهي،

افغانين کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ لاء نگران سرڪار جو قدم ساراھ جوڳو آهي، نگران سرڪار کي گهرجي ته هو ان فيصلي تي اٽل رهي، ان معاملي تي سنڌ جو شعور رکندڙ عوام ساڻن گڏ آهي

گو افغاني گو ريلي جي شروعات سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شهر محرابپور مان ٿي چڪي آهي، جيڪا سموري سنڌ تائين وسيع ڪئي ويندي

جيستائين هڪ به افغاني سنڌ ڌرتي تي موجود هوندو ان وقت تائين اسانجي هي پرامن احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.
هنن چتاء ڏيندي چيو ته سنڌ مان فوري طور تي افغانين سميت سمورن غير ملڪين کي نيڪالي ڏني وڃي،

ٻي صورت ۾ پنهنجي احتجاج جي دائري کي وڌيڪ وسيع بڻايو ويندو.