جماعت اسلامی پاران نگران حڪومت کان ڌاڙيل راڄ خلاف آپريشن جي گھُر

نگران حڪومت ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري سنڌ جي عوام کي نجات ڏياري: محنتي

جماعت اسلامی پاران نگران حڪومت کان ڌاڙيل راڄ خلاف آپريشن جي گھُر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ امن امان جي بدترين صورتحال، ٽارگٽ ڪلنگ، ڀُنگ لاءِ اغوا، اسٽريٽ ڪرائم، جنسي هراساني تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته نگران سرڪار سياسي مصلحتن کان بالاتر ٿي ڪري ڌاڙيل راڄ ۽ ڏوهارين خلاف بي رحماڻو آپريشن ڪري سنڌ جي عوام کي نجات ڏياري، ڀُنگ لاءِ اغوا ڪيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن ته جيئن عام ماڻهو سُک جو ساه کڻي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي نگران گھرو وزير حارث نواز سان ملاقات بعد اڄ صوبائي دفتر قباء آڊيٽوريم ۾ رٿيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي، محمد مسلم، آفتاب ملڪ ۽ سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا پڻ موجود هئا. صوبائي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبائي گهرو وزير برگيڊئير (ر) حارث نواز سان ملاقات مثبت رهي هن امن امان جي قيام لاءِ سنجيده ۽ فوري قدمن بابت آگاهي ڏني، محمد حسين محنتي چيو ته اسان سنڌ جي عوام کي اڪيلو ڪونه ڇڏينداسين ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد جاري رهندي، امير جماعت سراج الحق سنڌ جي عوام کي تحفظ ڏيارڻ لاءِ راڻي، پور، ڪشمور، شڪارپور ۾ ڌرڻا ۽ ريلين کي خطاب ڪيو. صوبائي امير ڪشمور، گهوٽڪي، شڪارپور، خيرپور ۽ جيڪب آباد ۾ ڌاڙيل راڄ، ڀُنگ لاءِ اغوا ڪندڙن خلاف سخت فوجي آپريشن جو مطالبو ڪيو، هن عالم سڳورن، صحافين ۽ اُستادن جي قاتلن جي پڻ گرفتاري جو مطالبو ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بي اختيار رينجرز کي وڏي عرصي کان سنڌ ۾ رکڻ ۽ سندس مُدت ۾ واڌ تي سواليه نشان لڳل آهن، سنڌ جي عوام اهو ڄاڻڻ جو حق رکي ٿي ته اسان جي بهادر فورس جي موجودگي عوام جي سلامتي ۽ امن جي ضمانت ڪڏهن بڻبي؟ هوڏانهن جماعت اسلامي سنڌ جي 05 رڪني وفد گهرووزير برگيڊئير (ر) حارث نواز سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گهرو وزير جماعت اسلامي وفد کي امن امان جي قيام لاءِ حڪومتي قدمن بابت آگاهي ڏني.#