صاف پاڻي جي فراهمي وارو اهم منصوبو عملي مرحلي ۾ داخل
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي وارڊ نمبر 11، رام نگر ۾ واقع مهاديو مندر ۽ ان جي آس پاس جي رهواسين کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ خاطر منظور ٿيل سبمرسبل پمپ اسڪيم تي باقاعده ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي، خبر موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر محترمه صبا يوسف ٽالپر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نوابزاده تيمور خان ٽالپر جي خاص ڪوششن سان، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي مينارٽي ونگ ڊويزن ميرپورخاص جي صدر رميش ديون ڪمار مالهي جي سفارش تي مذڪوره سبمرسبل پمپ اسڪيم منظور ڪئي وئي هئي، جنهن جو مقصد رام نگر، مهاديو مندر ۽ ڀرپاسي جي آبادين جي رهواسين کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي جي بهتر سهولت فراهم ڪرڻ آهي، منصوبي تي عملي ڪم جي شروعات جي سلسلي ۾ نوابزادو تيمور خان ٽالپر ۽ رميش ڏيون ڪمار مالهي جي هدايت تي ڊاڪٽر هريش ڪمار پيٺاڻي ۽ او پي ايس مالهي، ٺيڪيدار سورج ڪمار مالهي سان گڏ منصوبي واري هنڌ جو دورو ڪيو، جتي ڪم جو جائزو وٺڻ کان پوءِ سبمرسبل پمپ اسڪيم تي باقاعده عملي ڪم شروع ڪيو ويو، ان موقعي تي علائقي واسين منصوبي جي شروعات کي خوش آئند قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته سبمرسبل پمپ اسڪيم جي تڪميل سان علائقي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۾ نمايان بهتري ايندي ۽ پاڻي جي کوٽ وارو پراڻو مسئلو وڏي حد تائين حل ٿي ويندو، علائقي جي رهواسين قومي اسيمبلي جي ميمبر محترمه صبا يوسف ٽالپر، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نوابزاده تيمور خان ٽالپر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي مينارٽي ونگ ڊويزن ميرپورخاص جي صدر رميش ڏيون ڪمار مالهي جا ٿورا مڃيندي چيو ته عوامي ڀلائي جا اهڙا ترقياتي منصوبا شهرين جي بنيادي مسئلن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
0 تبصرے