ٺٽو ۽ سجاول ضلعن کي درپيش اهم عوامي مسئلن جي حل لاءِ تفصيلي گذارشون پيش ڪيون ويون
سجاول (گلشيرميربحر )قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد اياز علي شاهه شيرازي وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف سان ٿيل ملاقات دوران ٺٽو ۽ سجاول ضلعن کي درپيش اهم عوامي مسئلن جي حل لاءِ تفصيلي گذارشون پيش ڪيون، جن تي وزيراعظم هائوس لاڳاپيل وفاقي ادارن ۽ اختيارين کي ضروري هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن سيد اياز علي شاهه شيرازي وزيراعظم آڏو مطالبو ڪيو ته ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي ساحلي پٽي تي سمنڊ جي چاڙهه سبب ٿيندڙ زمينن جي تباهي کي روڪڻ لاءِ اسٽون پيچنگ بند تعمير ڪيو وڃي، جيئن ساحلي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي زرعي زمينن ۽ آبادين کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي ھن سجاول ضلعي ۾ وفاقي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي به درخواست ڪئي، جيئن علائقي جي نوجوانن کي اعليٰ تعليم جون بهتر سهولتون پنهنجي ضلعي ۾ ئي فراهم ٿي سگهن ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي ٺٽو–حيدرآباد روڊ کي ڊبل ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو، جنهن سان نه رڳو سفري سهولتن ۾ بهتري ايندي پر وڌندڙ ٽريفڪ حادثن ۽ انساني جانين جي نقصان ۾ به نمايان گهٽتائي آڻي سگهبي ملاقات دوران هن ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي مختلف علائقن ۾ فنڊ موجود هجڻ باوجود رڪيل سوئي گيس اسڪيمن تي فوري طور ڪم ٻيهر شروع ڪرائڻ تي زور ڏنو، جڏهن ته سجاول ضلعي جي مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ واپس ٿيل فنڊ ٻيهر جاري ڪري اهي رقمون عوامي ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪرڻ جي به گذارش ڪئي وزيراعظم هائوس پاران ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي جي پيش ڪيل تجويزن ۽ مطالبن تي لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي جلد عملدرآمد لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جڏهن ته اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته انهن قدمن سان ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي ترقي، بنيادي ڍانچي ۽ عوامي سهولتن ۾ نمايان بهتري ايندي.
0 تبصرے