شڪارپور ٽائون جي ماسٽر پلان جي حوالي سان مشاورتي سيمينار ٿي گذريو

سيمينار جو مقصد اهم اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ ۽ ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ هو

شڪارپور ٽائون جي ماسٽر پلان جي حوالي سان مشاورتي سيمينار ٿي گذريو

شڪارپور (رپورٽر) ڊائريڪٽوريٽ آف اربن اينڊ ريجنل پاليسي اينڊ اسٽريٽجڪ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ پاران شڪارپور ٽائون جي ماسٽر پلان جي حوالي سان شڪارپور جي عوامي نمائندن سان هڪ مشاورتی سيمينار منعقد ڪيو ويو. هن سيمينار جو مقصد اهم اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ ۽ ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ هو. ھي سيمينار ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور، شڪيل احمد ابڙو جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايم پي اي عارف خان مهر، ضلعي ڪائونسل شڪارپور جي چيئرمين ذوالفقار خان ڪماريو، ضلعي جي لاڳاپيل کاتن جي نمائندن، سول سوسائتي ۽ معزز شهرين شرڪت ڪئي اربن اينڊ ريجنل پاليسي اينڊ اسٽريٽجڪ پلاننگ جي ڊائريڪٽر (پلاننگ) ذوالفقار علي ڪنڀر، سنڌ جي شهرن ۾ پائيدار معاشي ترقي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ماسٽر پلاننگ جا بهترين اصول، جهڙوڪ واضح مقصدن جو تعين، اسٽيڪ هولڊرز جي شموليت ۽ تبديلين کي اپنائڻ جي صلاحيت نهايت اهم آهن. هن وضاحت ڪئي ته ماسٽر پلان شهري مسئلن جهڙوڪ هائوسنگ، پاڻي جي فراهمي، صفائي ۽ پائيدار ماحول جهڙن مسئلن کي منهن ڏيندو. هنن جو مقصد مقامي ۽ علائقائي معيشت کي وڌائڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، آمدني ۾ اضافو ۽ انساني وسيلن جي ترقي آهي، ته جيئن شهر امن، سلامتي ۽ خوشحالي سان هڪ بهترين منصوبابندي وارو شهر بڻجي سگهي ھن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت 17 وڏن سيڪنڊري شهرن، جن ۾ ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد ۽ حيدرآباد ڊويزن جا ضلعي هيڊ ڪوارٽر شامل آهن، لاءِ جامع ڊولپمينٽ ماسٽر پلان تيار ڪيا آهن. ان کان علاوه، 14 وڌيڪ شهرن، جن ۾ خيرپور، گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، روهڙي، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ قمبر شامل آهن، جا ماسٽر پلان هن وقت تيار ڪيا پيا وڃن. طارق احمد رند (ڪنسلٽنٽ) مختلف شعبن جهڙوڪ آبادي، شهري پکيڙ، تعليم، صحت، بنيادي سهولتن، سماجي سهولتن ۽ ماحول جي موجوده صورتحال تي اهم بصيرت پيش ڪئي. شڪارپور جي ماسٽر پلان جي موجوده صورتحال واري رپورٽ اسٽيڪ هولڊرز آڏو پيش ڪئي وئي ته جيئن انهن کان تجويزون وٺي سگهجن، جن کي ترقياتي تجويزن ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ ٻيهر اسٽيڪ هولڊرز آڏو پيش ڪيو ويندو. حتمي منصوبي ۾ مستقبل جو ويزن، معاشي ترقي جون حڪمت عمليون، آفتن کي منهن ڏيڻ جا پروٽوڪول، اربن ڪور ايڪشن پلان ۽ عملدرآمد جو فريم ورڪ شامل هوندو. ڊپٽي ڪمشنر ۽ عوامي نمائندن ڊائريڪٽوريٽ آف يو آر پي ايس پي (URPSP) جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ شڪارپور لاءِ جامع ماسٽر پلان جي تياري لاءِ پنهنجا قيمتي مشورا ڏنا، گڏوگڏ هن عمل دوران پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ کي پنهنجي مڪمل مدد جو يقين ڏياريو