نوشهروفيروز (ڊ ر)ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) نوشهروفيروز محمد مستقيم قريشي جي صدارت ۾ ڪڻڪ جي غير قانوني ذخيري اندوزي (Hoarding) کي روڪڻ ۽ عوام الناس کي سرڪاري نرخل تي اٽي جي بي ترتيب فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز، محڪمه خوراڪ (Food Department) جا آفيسر، مارڪيٽ ڪميٽين جا نمائندا ۽ فلور ملز جا مالڪ ۽ واپاري شرڪت ڪئي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر محمد مستقيم قريشي سخت حڪم جاري ڪندي چيو ته ڪڻڪ جي غير قانوني ذخيري اندوزي ڪري مصنوعي کوٽ ۽ مهانگائي پيدا ڪندڙن خلاف فوري ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي. هن اسسٽنٽ ڪمشنرز کي گودامن، دڪانن ۽ ٻين هنڌن تي ڇاپا هڻ ۽ ملوث عنصرن کي ڳري جرمانا ۽ قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن واضح ڪيو ته حڪومت سنڌ جي طرفان مقرر ڪيل سرڪاري نرخل کان وڌيڪ تي اٽي جي وڪري کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. محڪمه خوراڪ ۽ انتظاميه کي هدايت ڪئي وئي ته اهي روزاني بنياد تي بازارن جي نگراني ڪن ته جيئن اٽي جي سپلائي جو سلسلو برقرار رهي ۽ شهرين کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته غريب عوام جو استحصال ڪندڙ منافع خورن ۽ ذخيري اندوزن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي ۽ ضلعي ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي فراهمي کي هر صورت ۾ شفاف بڻايو ويندو. هن محڪمه خوراڪ جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ذخيري ڪيل ڪڻڪ کي فوري طور تي ضبط ڪري سرڪاري گودام ۾ منتقل ڪيو وڃي. هن چيو ته آپريشن دوران محڪمه پوليس جي طرفان فل پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي ۾ فلور ملز ۽ اٽا چڪين کي انهن جي ڪوٽي مطابق ڪڻڪ رکڻ جي اجازت آهي ۽ اتي اسٽاڪ ڪيل اضافي ڪڻڪ خوراڪ کاتي جي گودام ۾ منتقل ڪئي وڃي.
0 تبصرے