مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي: طاھرھ پيچوھو
ٺٽو( شفيق ڀٽي)بي آءِ ايس پي جي ٺٽي ضلعي آفيسر طرفان ريٽيلرن کي سخت وارننگ، مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان ٺٽو(ڊ ر) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي ضلعي آفيسر ٺٽو طاهره پيچوهو ڊوائيس ريٽيلرن کي سخت خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به مستحق عورت يا سندس ٻارن جي امدادي رقم مان غيرقانوني ڪٽوتي ڪرڻ جي شڪايت يا ثبوت سامهون آيو ته لاڳاپيل ريٽيلر خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، سندس آءِ ڊي بلاڪ ڪئي ويندي ۽ کيس مستقبل ۾ بي آءِ ايس پي سان ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن صحافين، سماجي ڪارڪنن ۽ عام شهرين کي اپيل ڪئي ته جيڪڏهن وٽن امدادي رقم مان ڪٽوتي، فراڊ يا ڪنهن به قسم جي بي ضابطگي بابت ثبوت موجود هجن ته اهي بي آءِ ايس پي ضلعي آفيس ۾ جمع ڪرائين، جيئن ذميوار ماڻهن خلاف قانون موجب سخت قدم کنيا وڃن. طاهره پيچوهو ٻڌايو ته هيل تائين ضلعي جي لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو مستحق عورتن کي امدادي رقم جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته باقي مستحق عورتن جي اڪائونٽن ۾ به جلد رقم منتقل ڪئي ويندي. هن چيو ته آخري فهرست جاري ٿيڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن به مستحق عورت کي رقم نه ملي يا ڪنهن ريٽيلر طرفان فراڊ يا غيرقانوني ڪٽوتي ثابت ٿي ته مڪمل جاچ کان پوءِ ذميوارن خلاف بنا ڪنهن رعايت جي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ضلعي آفيسر وڌيڪ چيو ته جيڪي مستحق عورتون اڃا تائين پنهنجي امدادي رقم حاصل نه ڪري سگهيون آهن، اهي ڪجهه ڏينهن وڌيڪ انتظار ڪن، سندن ادائيگيون جلد مڪمل ڪيون وينديون. هن واضح ڪيو ته بي آءِ ايس پي انتظاميا وقت بوقت اوچتا دورا ڪندي رهندي ۽ ڪنهن به ريٽيلر خلاف شڪايت يا بي ضابطگي ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ بنا امتياز قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جيئن مستحق عورتن جا حق هر صورت ۾ محفوظ بڻائي سگهجن.
0 تبصرے