نوشهروفيروز ۾ ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو

نوشهروفيروز ۾ ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو

نوشهرو فيروز (ڊر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي سموري سنڌ جيان نوشهرو فيروز ۾ به عوام دشمن بجيٽ۔ سنڌ دشمن پاليسي۔ وڌندڙ مهانگائي ۽ تيل جون قيمتون گهٽ نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي ايس يو پي اڳوڻ مهر علي وسطڙو، ثمر سنڌي، ممتاز علي شاهه ۽ محمد علي سولنگي ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ناڻي، پاڻي ۽ قدرتي وسيلن تي پهريون ۽ آئيني حق سنڌ واسين جو آهي، پر مسلسل انهن وسيلن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن، پيش ڪيل بجيٽ عوام ۽ سنڌ دشمن آهي، سنڌ سان ٿيندڙ هر قسم جي ناانصافي جو فوري خاتمو ڪيو وڃي، درياهن تي نون منصوبن ۽ پاڻي جي ورهاست بابت سنڌ جي آئيني ۽ قانوني حقن جو احترام ڪيو وڃي ۽ صوبي جي قدرتي وسيلن ۽ مالياتي حقن تي سنڌ جي مالڪي کي يقيني بڻايو وڃي. هنن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته صوبن جي گرانٽ مرڪز حوالي ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاٿ موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽايا وڃن۔ سنڌ ۾ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ جو فوري خاتمو آندو وڃي. اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ جي حقن جي مبينا لتاڙ، عوام دشمن پاليسين ۽ وسيلن تي قبضي جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پنهنجي احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪندي ۽ هر جمهوري فورم تي عوام جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريندي.