ملير ۾ ايس يو پي جي سڏ تي ريلي ڪڍي وئي, عوام دشمن بجيٽ، درياهه سڪائڻ، ڊيم منصوبن جي مذمت

سنڌ جا 300 ارب رپيا وفاق حوالي ڪرڻ بدديانتي آهي: اڳواڻ

ملير ۾ ايس يو پي جي سڏ تي ريلي ڪڍي وئي, عوام دشمن بجيٽ، درياهه سڪائڻ، ڊيم منصوبن جي مذمت

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي سنڌ حڪومت جي پيش ڪيل بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي، سنڌو درياهه کي سڪائڻ، نون ڊيم منصوبن، پاڻي جي کوٽ ۽ سنڌ کي درپيش ٻين اهم مسئلن خلاف رزاق آباد جي مک چوڪ کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن بعد پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.ريلي جي اڳواڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن جڳديش آهوجا، سيد خدا ڏنو شاهه، خادم ٻُرڙو، رضا علي سنديلو، شبير ڏيرو، وحيد لوهار، ٻڏي باغي، عبدالوهاب ڏيرو ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي ڪارڪنن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سنڌ دشمن پاليسين، عوام دشمن بجيٽ ۽ سنڌو درياهه تي ڌاڙن خلاف زوردار نعريبازي ڪئي مقررن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جي پيش ڪيل بجيٽ عوام جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي. هنن چيو ته صوبي ۾ پاڻي، تعليم، صحت، زراعت، روزگار ۽ بنيادي سهولتن جا سنگين مسئلا موجود آهن، پر بجيٽ ۾ انهن جي حل لاءِ ڪي به مؤثر قدم شامل ناهن. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي جياپي جو ذريعو آهي، ان کي سڪائڻ يا ان تي وڌيڪ ڊيم تعمير ڪرڻ سنڌ جي زراعت، معيشت، ماحول ۽ لکين ماڻهن جي مستقبل سان ظلم ڪرڻ برابر آهي. سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن تي ڪنهن به قسم جو ڌاڙو قبول نه ڪيو ويندو، ۽ سنڌ جي آئيني، تاريخي ۽ قانوني حقن جي تحفظ لاءِ هر سطح تي جمهوري جدوجهد جاري رکي ويندي اڳواڻن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه تي تڪراري منصوبن کي فوري طور ختم ڪيو وڃي، سنڌ کي 1991ع واري پاڻي ٺاهه موجب مڪمل حصو ڏنو وڃي، عوام دشمن بجيٽ تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ مهانگائي، بيروزگاري ۽ بنيادي عوامي مسئلن جي حل لاءِ فوري ۽ عملي قدم کنيا وڃن. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ جي حقن تي حملن جو سلسلو بند نه ٿيو ته احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.