English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڌاڙيل مارجي ويو، ٻه پوليس اهلڪار زخمي
109 views
|
05th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)شاهه لطيف ٽائون جي علائقي گرين سٽي ڀرسان پوليس ۽ مبينا ڌاڙيلن وچ ۾ ٿيل مقابلي دوران هڪ مبينا ڌاڙيل مارجي ويو، جڏهن ته ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. فائرنگ کان پوءِ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪيو، جڏهن ته ٻيا جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب مارجي ويل مبينا ڌاڙيل ۽ زخمي پوليس اهلڪارن کي ايمبولينسن ذريعي فوري طور جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي اهلڪارن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.پوليس موجب مارجي ويل مبينا ڌاڙيل جي سڃاڻپ فوري طور نه ٿي سگهي، سندس عمر لڳ ڀڳ 35 سال ٻڌائي وڃي ٿي، جڏهن ته زخمي پوليس اهلڪارن جي سڃاڻپ غلام عباس ولد غلام رسول 40 سال ۽ زبير ولد مختيار احمد 38 سال طور ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي. ٻئي طرف سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ملير پوليس جي بروقت، بهادراڻي ۽ پيشاوراڻي ڪارروائي کي ساراهيندي ڊي آءِ جي ملير، ايس ايس پي ملير ۽ سموري پوليس ٽيم کي شاباس ڏني آهي. گهرو وزير چيو ته شاهه لطيف ٽائون ۾ خطرناڪ ڌاڙيل جي خاتمي ۽ قائدآباد ۾ گٽڪا مافيا خلاف ڪامياب ڪارروائي ملير پوليس جي بهترين پيشاوراڻي صلاحيتن جو ثبوت آهي. هن هدايت ڪئي ته فرار ٿيل جوابدار کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سندس سهولتڪارن کي پڻ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته مقابلي دوران زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن کي بهترين علاج جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ريجنل پاسپورٽ آفيس ۾ ايف آءِ اي جو وڏو ڪريڪ ڊائون، ڪرپشن نيٽ ورڪ بي نقاب، 7 جوابدار گرفتار
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پاڻي ۽ بجلي جو بدترين بحران، سوين رهواسي رستن تي نڪري آيا، ميمڻ ڳوٺ روڊ ۽ قومي شاهراهه تي ڌرڻا
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ لاءِ آيل نينگر ٻڏڻ بعد اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سانوڻيءَ جي موسم ۾ شجرڪاري مهم جي شروعات
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو
0 تبصرے