English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
7 views
|
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ ٽائون جي ڏورانهن علائقن موئيدان، ڪنڊ جهنگ، واڻ ڪنڊ، کار، شم سميت مختلف ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي سميت بنيادي سهولتن جي کوٽ تي رهواسين ۾ سخت پريشاني ۽ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ڳوٺاڻن گهرن مان نڪري احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو ۽ چيو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ گڏاپ ٽائون ميونسپل انتظاميا طرفان ڊگهي عرصي کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جو ڪو مستقل حل نه ڪڍيو ويو آهي جنهن سبب روزاني زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي ڳوٺاڻن الزام هنيو آهي ته چونڊيل نمائندا، جن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو، صوبائي اسيمبلي ميمبر يوسف بلوچ، ٽائون چيئرمين طارق بلوچ، وائيس چيئرمين ڄام محمد ۽ يو سي چيئرمين مبارڪ گبول شامل آهن، پنهنجن تڪن جي انهن علائقن ڏانهن توجهه نه ڏئي رهيا آهن مقامي ماڻهن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شهري علائقن ۾ ته فوڪل پرسن مقرر ٿيل آهن، پر هنن پٺتي پيل علائقن لاءِ ڪو به نمائندو يا فوڪل شخص مقرر نه ڪيو ويو آهي جنهن سبب مسئلا وڌيڪ وڌي رهيا آهن ڳوٺاڻن جو اهو به چوڻ آهي ته علائقي ۾ نه اسپتالن ۾ مناسب سهولتون موجود آهن، نه اسڪول فعال آهن ۽ نه ئي روڊ رستا بهتر حالت ۾ آهن جڏهن ته هاڻي پاڻي جو بحران انتهائي سنگين صورت اختيار ڪري چڪو آهي عوام مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي پاڻي جي فراهمي جو مستقل حل ڪڍي بنيادي سهولتن جي بهتري لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي
0 تبصرے