English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
157 views
|
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
مزدورن سان ڀريل رڪشا ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 7 پورهيت سخت زخمي ٿي پيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي گهگهر لڳ سسئي پل وٽ مزدورن سان ڀريل رڪشي ۽ ٽرالر جي وچ ۾ خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 مزدور زخمي ٿي پيا، جڏهن ته هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو، تفصيل موجب آصف رائيس مل ۾ مزدوري لاءِ ويندڙ لڳ ڀڳ 10 مزدور هڪ رڪشي ۾ سوار هئا ته سسئي پل وٽ موڙ تي سامهون ايندڙ ٽرالر سان سندن رڪشي جو ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ غلام علي، نديم، مير حسن، سليم چانڊيو، امجد چانڊيو، منٺار ريٻاري، سهيل ٻٻر ۽ شمشير ڪوري زخمي ٿي پيا، مقامي ماڻهن فوري طور امدادي ڪارروائي ڪندي زخمين کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ويجهي نجي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي، ڊاڪٽرن موجب زخمي شمشير ڪوري جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاءِ جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو، حادثي بابت زخمين ۽ رڪشي ڊرائيور ٻڌايو ته سسئي پل وٽ موڙ تي هڪ ٽرالر اوچتو رانگ سائيڊ تي اچي ويو، جنهن سبب رڪشي سان ٽڪر ٿيو ۽ حادثو پيش آيو. هنن لاڳاپيل اختيارين کان واقعي جي جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو، واقعي جو اطلاع ملندي ئي اسٽيل ٽائون پوليس موقعي تي پهچي وئي ۽ حادثي ۾ ملوث ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ حقيقتون سامهون اچڻ کان پوءِ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7
0 تبصرے