ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو

ليکڪ: پيار لغاري

ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو

فريز ٿيل جزبا نامي هي ڪهاڻين جو مجموعو نامور ليکڪ عبدالواحد سومري جي تخليقي صلاحيتن جو سهڻو عڪس آهي هن ڪتاب ۾ ڪل يارهن ڪهاڻيون شامل آهن جيڪي پڙهندڙ کي زندگيءَ جي مختلف رنگن، احساسن ۽ حقيقتن سان روشناس ڪرائين ٿيون.هن ڪتاب کي پڙهندي اهو احساس ٿئي ٿو ته روزمرهه جي زندگيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا ۽ منظر اسان جي سامهون ايندا رهندا آهن جن تي عام ماڻهو گهڻو ڌيان نه ڏيندا آهن، پر هڪ حساس ۽ باشعور ليکڪ پنهنجي مشاهدي ۽ قلم جي قوت سان انهن لمحن کي هميشه لاءِ محفوظ ڪري وٺندو آهي عبدالواحد سومرو به اهڙن واقعن ۽ احساسن کي پنهنجي فن وسيلي ڪهاڻين جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. ڪتاب ۾ شامل ڪجهه ڪهاڻيون ليکڪ جي ذاتي مشاهدي ۽ تجربن تي ٻڌل آهن جڏهن ته ڪجهه واقعا هن ٻين ماڻهن ۽ دوستن کان ٻڌا آهن پر سندس قلم جي جادوگري اهڙي آهي جو هر ڪهاڻي پڙهندڙ کي حقيقي زندگيءَ جو حصو محسوس ٿئي ٿي. هن انهن واقعن کي نهايت خوبصورت، سادي ۽ اثرائتي انداز ۾ بيان ڪري هڪ يادگار ڪهاڻين جو مجموعو تيار ڪيو آهي.هن ڪتاب جون ڪهاڻيون اسان جي معاشري جي مختلف پهلوئن جي عڪاسي ڪن ٿيون. انهن ۾ انساني جذبن، سماجي روين، رشتن جي نزاڪتن ۽ زندگيءَ جي تلخ ۽ مٺين حقيقتن کي چٽي نموني پيش ڪيو ويو آهي ساڳئي وقت ليکڪ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي سادگي، روايتن ۽ ثقافتي رنگن کي به اجاگر ڪيو آهي جڏهن ته شهري زندگيءَ جي مصروفيتن، مسئلن ۽ بدلجندڙ قدرن کي پڻ پنهنجي ڪهاڻين جو حصو بڻايو آهي.بيشڪ “ فريز ٿيل جذبا ” هڪ اهڙو ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي سوچڻ محسوس ڪرڻ ۽ پنهنجي آس پاس جي دنيا کي نئين نگاهه سان ڏسڻ تي مجبور ڪري ٿو. عبدالواحد سومري کي هن خوبصورت ڪتاب جي اشاعت تي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪيون ٿا.