نوشهروفيروز ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي احتجاج

غلام شبير خانزاده ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

نوشهروفيروز ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ۾ جماعت اسلامي جي مرڪزي سڏ تي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي ضلعي امير غلام شبير خانزاده، حافظ نعيم احمد ڪمبوه ، حافظ عبدالحق پنهور ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ اندر وڌندڙ مهانگائي سبب پورهيت طبقو هڪ ويلي جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ اضافو ٿيڻ سان ئي عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي وڃي ٿو هنن چيو ته عوام ويچارو جيڪو مزدوري ڪري ٿو ان جي زندگي انتهائي ڏکي پئي گذري پر حڪمرانن جي ناقص پاليسي تي جماعت اسلامي کان سواءِ ڪابه سياسي پارٽي آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حڪمرانن عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ پاڻ کي مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل آهن جيڪا پاليسي ختم ڪري غريب ماڻهو کي رليف ڏنو وڃي