عمرڪوٽ جي روحل بس اسٽينڊ تي ڀڃ ڊاهه جو واقعو

نامعلوم ماڻهن بس اسٽينڊ جي هڪ شيڊ جو حصو ٽوڙي ڇڏيو

عمرڪوٽ جي روحل بس اسٽينڊ تي ڀڃ ڊاهه جو واقعو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ شهر جي قديمي روحل بس اسٽينڊ جي هڪ حصي کي نامعلوم جوابدارن طرفان ڊاهي نقصان پهچايو ويو، جنهن تي ميونسپل چيئرمين خالد سراج سومرو فوري طور نوٽيس وٺندي واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو، تفصيل موجب، نامعلوم ماڻهن بس اسٽينڊ جي هڪ شيڊ جو حصو ٽوڙي ڇڏيو، جنهن سبب لوھ جو ڍانچو ظاهر ٿي ويو ۽ مسافرن کي خطري جو انديشو پيدا ٿي ويو، واقعي بعد ميونسپل چيئرمين لاڳاپيل عملدارن سان گڏ جڳهه تي پهچي نقصان جو معائنو ڪيو ۽ تفصيلي رپورٽ ورتي، بعد ۾ چيئرمين ميونسپل ڪميٽيءَ عمرڪوٽ حاجي سيف الله خالد سراج سومرو ميونسپل آفيس پهچي عملدارن سان اهم گڏجاڻي ڪئي، جتي واقعي بابت جاچ ۽ حفاظتي قدمن تي غور ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳالهائيندي چيئرمين خالد سراج سومرو چيو ته روحل بس اسٽينڊ لڳ ڀڳ اڌ صدي کان وڌيڪَ عرصي کان عوام جي سهولت لاءِ موجود آهي ۽ ميونسپل ڪميٽي جي ملڪيت آهي، هن چيو ته هن واقعي جي آفيشل جاچ ڪرائي ويندي ۽ جيڪو به ذميوار ثابت ٿيو، ان خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي، هن وڌيڪَ چيو ته عوامي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ شهر جي سهولتن جي حفاظت لاءِ سخت قدم کنيا ويندا، شهرين ۽ مسافرن طرفان به واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته بس اسٽينڊ جي حفاظت لاءِ مناسب انتظام ڪيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچي سگهجي.