ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ ڀرسان گهر ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، الهه تلهه رک

ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ ڀرسان گهر ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، الهه تلهه رک

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي لڳ ملاح پاڙي ۾ رات دير سان اوچتو حمزه ملاح جي گهر ۾ باهه لڳي وئي ڏسندي ڏسندي باهه شدت اختيار ڪري وئي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ سمورو گهر سڙي خاڪ ٿي ويو. ذريعن موجب باهه رات جي آخري پهرن ۾ لڳي جڏهن گهڻا ماڻهو ننڊ ۾ هئا. باهه لڳڻ جي اطلاع ملندي ئي پاڙيسري ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر باهه ايتري تيز هئي جو ان تي ضابطو آڻي نه سگهيا. گهر ڪاٺ، ڪکائن ۽ ٻين جلندڙ شين مان ٺهيل هئڻ سبب باهه وڌيڪ پکڙجي وئي.واقعي جي نتيجي ۾ گهر ۾ موجود فرنيچر، ڪپڙا، کاڌي پيتي جو سامان، گهريلو اوزار ۽ ٻيو قيمتي سامان مڪمل طور سڙي ويو، جڏهن ته متاثر گهراڻي کي لکين رپين جو نقصان پهتو آهي. خوش قسمتي سان واقعي دوران ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع نه ملي آهي، پر متاثر گهراڻو بي گهر ٿي کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. باهه لڳڻ جي اطلاع تي علائقي واسي وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ پهچي باه وسائي جڏهن ته باهه لڳڻ جا اصل سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيا آهن، البت شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته باهه شارٽ سرڪٽ يا چلهي مان ڀڙڪي هجي.علائقي واسين انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته متاثر گهراڻي جي فوري مالي مدد ڪئي وڃي ۽ باهه لڳڻ جي واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي، ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچاءُ لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن.