English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ ڀرسان گهر ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، الهه تلهه رک
203 views
|
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي لڳ ملاح پاڙي ۾ رات دير سان اوچتو حمزه ملاح جي گهر ۾ باهه لڳي وئي ڏسندي ڏسندي باهه شدت اختيار ڪري وئي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ سمورو گهر سڙي خاڪ ٿي ويو. ذريعن موجب باهه رات جي آخري پهرن ۾ لڳي جڏهن گهڻا ماڻهو ننڊ ۾ هئا. باهه لڳڻ جي اطلاع ملندي ئي پاڙيسري ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر باهه ايتري تيز هئي جو ان تي ضابطو آڻي نه سگهيا. گهر ڪاٺ، ڪکائن ۽ ٻين جلندڙ شين مان ٺهيل هئڻ سبب باهه وڌيڪ پکڙجي وئي.واقعي جي نتيجي ۾ گهر ۾ موجود فرنيچر، ڪپڙا، کاڌي پيتي جو سامان، گهريلو اوزار ۽ ٻيو قيمتي سامان مڪمل طور سڙي ويو، جڏهن ته متاثر گهراڻي کي لکين رپين جو نقصان پهتو آهي. خوش قسمتي سان واقعي دوران ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع نه ملي آهي، پر متاثر گهراڻو بي گهر ٿي کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. باهه لڳڻ جي اطلاع تي علائقي واسي وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ پهچي باه وسائي جڏهن ته باهه لڳڻ جا اصل سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيا آهن، البت شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته باهه شارٽ سرڪٽ يا چلهي مان ڀڙڪي هجي.علائقي واسين انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته متاثر گهراڻي جي فوري مالي مدد ڪئي وڃي ۽ باهه لڳڻ جي واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي، ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچاءُ لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
يونيورسٽيءَ جا اهي چار سال زندگيءَ جو سڀ کان حسين باب
03rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
جنگ جي ڇانوَ هيٺ دنيا ۽ توانائي جي ڪناري تي انساني بحران..؟؟؟
02nd Apr 2026
•
شوبز
فلم کی شوٹنگ کے دوران بعض رومانوی اور بولڈ مناظر فلمانا جسمانی اور ذہنی طور پر مشکل تھا۔ ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
شوبز
عریاں اور رومانوی مناظر کی شوٹنگ مشکل تھی، اداکارہ ايملی کا اعتراف
03rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
يونيورسٽيءَ جا اهي چار سال زندگيءَ جو سڀ کان حسين باب
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو ۾ ون ويلنگ حادثي ۾ سوين نوجوان معذور جو شڪار بڻيا
03rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
جنگ جي ڇانوَ هيٺ دنيا ۽ توانائي جي ڪناري تي انساني بحران..؟؟؟
02nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو: صحافي شان ڏهر جي قتل ڪيس جو جوابدار 12 سالن بعد گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
هاشم خاصخيلي ڳوٺ ڀرسان گهر ۾
0 تبصرے