عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري ۾ سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي سستا اٽي جا اسٽال قائم ڪيا ويا آهن، جتان شهري گهٽ اگهه تي اٽو خريد ڪري رهيا آھن،. تفصيل موجب ڪنري تعلقي ۾ چڪي مالڪن جون من مانيون عروج تي آھن ته ٻي پاسي جهولي لال فلور مل پاران سستي اٽي جو اسٽال قائم ڪيا ويا آھن، شھر جي آمريڪن چوڪ، ٻسٽان چوڪ ۽ فلور مل ٻاهران سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا آھن، اسٽالز تي اٽو في ڪلو 105 روپيا ۽ 10 ڪلو 1050 جي حساب سان وڪرو ڪيو پيو وڃي. اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار سستي اٽي جي اسٽالز جو دورو ڪيو. اي سي جو چوڻ هو ته اٽي جي مھانگي اگھ جون شڪايتون آھن عوام کي ريليف ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون پيا، شھر جي مک چوڪن ۽ فلور مل ٻاهران اسٽالز قائم ڪيا آھن جتي سستي اگھ تي اٽو وڪرو ڪرايون پيا. فلور مل مالڪ ڀرت ڪمار ٻڌايو ته کين ملندڙ ڪوٽا جي حساب سان عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف شھرن ۾ سستي اٽي جا اسٽال لڳايا آھن جتان عوام کي مارڪيٽ کان گھٽ اگھ تي اٽو ڏيون پيا، هوڏانھن شهر ۾ لڳايل سستا اٽي جا اسٽال عوام لاءِ سهولت جو سبب بڻيا آهن، شهري وڏي انگ ۾ انهن اسٽالن تان سستو اٽو خريد ڪري رهيا آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته مهانگائي سبب غريب ۽ ڏهاڙي دار طبقو سخت پريشان آهي، اهڙي صورتحال ۾ سستا اٽي جا اسٽال قائم ٿيڻ سان کين وڏو رليف مليو آهي۔ عوام انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته اهڙا اسٽال وڌيڪ هنڌن تي به قائم ڪيا وڃن ته جيئن وڌيڪ ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهن.
0 تبصرے