نوشهروفيروز ۾ ٻن ڀائرن جو ڀائٽين کان لاتعلقي جو اظهار

نوشهروفيروز ۾ ٻن ڀائرن جو ڀائٽين کان لاتعلقي جو اظهار

نوشھرو فيروز ( ڊ ر) شھر جا رھواسي ضمير حسين ميمڻ ۽ زين الدين ميمڻ پھچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته سندن ڀاءُ شھمير ميمڻ تقريبن 14 سال اڳ فوت ٿي ويو ھو ڀاء جي وفات کان پوءِ سندس گھر واري ۽ ڀائٽا قربان علي ميمڻ ولد شھمير، علي حسن، مختيار ۽ شيمر مختلف قومن سان جنھن ڪلھوڙا چانڊيا ۽ ٻين سان مٽي مائٽيون ڪيون آھن ھنن ٻڌايو ته ھاڻي مذڪوره ڀائٽا جا پاڻ ۾ اختلافن جو شڪار ٿي ويا آھن ۽ غلط صحبت ۾ اچي ويا آھن جن سبب سندن رويي سبب فيملي کي شديد پريشاني کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي ضمير حسين ميمڻ ۽ زين الدين ميمڻ چيو ته ھاڻي ھن کان پوءِ سندن ۽ سندن سموري فيملي جو مذڪوره ڀائٽن سان ڪنھن به قسم جو ڪو تعلق ڏيتي ليتي يا واسطو ناھي رھندو جيڪڏھن مستقبل ۾ اھي ڪنھن سان به ڪا ڏيتي ليتي فڏو فساد يا غيرقانوني عمل ڪندا ته ان جا ذميوار اھي پاڻ ھوندا ان سان سندن فيملي جو ڪو واسطو نه سمجھيو وڃي ھنن ميڊيا وسيلي انتظاميا ۽ عوام کي پڻ آگاھ ڪيو ته سندن نالي يا فيملي جي ساک کي غلط طور استعمال نه ڪيو وڃي