بنا وياج مالي مدد ۽ ننڍن ڪاروبارن جي ترقي معاشي خودمختياريءَ لاءِ اهم آهي: مير غلام علي ٽالپر

بنا وياج مالي مدد ۽ ننڍن ڪاروبارن جي ترقي معاشي خودمختياريءَ لاءِ اهم آهي: مير غلام علي ٽالپر

حيدرآباد(بيورو) غربت ۾ گهٽتائي ۽ سماجي تحفظ بابت قومي اسيمبليءَ جي دائمي ڪميٽيءَ جي چيئرمين مير غلام علي ٽالپر چيو آهي ته مهارتن جي ترقي، بنا وياج مالي مدد، اثاثن جي منتقلي ۽ ننڍن ڪاروباري ادارن کي هٿي ڏيارڻ وارو عمل ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ غربت کي پاڙان پٽڻ لاءِ انتهائي اهم آهي۔ سافڪو هيڊ آفيس حيدرآباد پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ وزيراعظم جي بنا وياج قرض پروگرام جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب ۽ ’ايڇ اين فوڊ پروڊڪٽس‘ فيڪٽري جي افتتاح واري موقعي تي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ غربت گهٽائڻ ۽ سماجي تحفظ بابت واري کاتي جي سيڪريٽري نويد احمد شيخ، سافڪو گروپ جي باني ۽ صدر ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو سميت سيميڊا ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي۔ پنهنجي خطاب دوران مير غلام علي ٽالپر ماڻهن جي سماجي تحفظ، روزگار جي سهائتا، ڪاروباري ترقي ’پي پي اي ايف‘، سافڪو ۽ ٻين اهڙن ادارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي۔ هن چيو ته اهڙا قدم ڪمزور طبقن، خاص طور عورتن ۽ نوجوانن کي ٻين تي ڀاڙڻ واري حالت مان ڪڍي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ باوقار روزگار لاءِ مدد ڏين ٿا۔ هن يورپي يونين، انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر ۽ حڪومتي ڀائيوارن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ پي پي اي ايف تي زور ڀريو ته تعليم ۽ مهارت وارا وڌيڪ پروگرام متعارف ڪرايا وڃن. ان موقعي تي ڳالهائيندي ’پي پي اَي ايف‘ جي چيف ايگزيڪيوٽو نادر گل باريچ چيو ته پي پي ايف ايف ملڪ جي 150 ضلعن ۾ 164 مقامي تنظيمن جي سهڪار سان ثابتين وارن انگ اکرن سان اپاءَ وٺڻ ذريعي مرحليوار معاشي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اڳڀري رهي آهي۔ هن چيو ته مهارتن، مالي وسيلن ۽ مارڪيٽن تائين رسائي پيڙهين کان هلندڙ غربت جي خاتمي لاءِ انتهائي اهم حيثيت رکي ٿي۔ ان ڏس ۾ پي پي اي ايف وزير اعظم جي بنا وياج قرض پروگرام هيٺ ملڪ جي 67 ضلعن ۾ 49.3 ارب روپين جي ماليت جا لک ماڻهن کي قرض ڏنا آهن، جن جو تعداد 13.5 لک ڱان وڌيڪ آهي. جن مان سنڌ ۾ 9.86 ارب روپيا ٻه لک ستر هزار ماڻهن کي ڏنا ويا آهن. گراسپ منصوبي تي ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 46 هزار جي لڳ ڀڳ ننڍن ڪاروباري ادارن کي متحرڪ ڪيو ويو، جن کي هڪ ارب 12 ڪروڙ جا قرض ۽ هڪ ارب 32 ڪروڙ جي مالي امداد ڏني وئي، جنهن سان 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. تقريب کي گھرو کاتي جي اعليٰ عملدار انعام الحق پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته ايڇ اين فوڊس کي زراعت سان لاڳاپيل ڪاروبار کي وڌائڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ٻه ڪروڙ روپين جي ميچنگ گرانٽ جو چيڪ ڏنو ويو. پي پي اي ايف پاران سافڪو، ايڇ اين فوڊس ۽ ٻين کي مڃتا شيلڊون پڻ ڏنيون ويون. جڏهن ته ’پيشاوراڻين مهارتن ذريعي پٺتي پيل آبادين جي معاشي ترقي‘ واري منصوبي تحت گريجوئيٽس کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.