English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ مڱريا پريمئير ڪرڪيٽ ليگ شروع، پھرين ڏينھن 5 ميچون ٿيون
4 views
|
23rd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
افتتاح ڊاڪٽر محمد رمضان مڱريو، ميجر سليم مڱريو، فقير محب مڱريو ۽ ٻين ڪيو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ شھر جي ماروي گرائونڊ ۾ منڱريا پريمئير ليگ ڪرڪيٽ شروع، پھرين ڏينھن 5 ميچ کيڏيا ويا، شھرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت. خبر موجب عمرڪوٽ شھر جي ماروي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ منڱريا پريميئر ليگ سيزن 1 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع ٿي ويو آھي جنھن جو افتتاح مھمان خاص ڊاڪٽر محمد رمضان منڱريو، ميجر سليم منڱريو، ٽورنامينٽ جي سرپرست اعلي فقير محب منڱريو، فقير سڪندر علي منڱريو ۽ چيف آرگنائيز راشد منڱريو طرفان ڪيو ويو شروع ٿيل ميچ جي پھرين ڏينھن تي 5 ميچ کيڏيا ويا جن ۾ پھريون ميچ شھيد عبدالرحيم گرھوڙي رح ۽ فقير امين منڱريو جي وچ ۾ کيڏيو ويو جنھن دوران ٽاس کٽي شھيد عبدالرحيم گرھوڙي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ فقير امين منڱريو ڪلب طرفان پھريون ميچ مقرر 8 اورن ۾ 128 اسڪور ٺاھيو جيڪو شھيد عبدالرحيم گرھوڙي ڪلب ٽارگيٽ پورو نه ڪري سگھي ٻيو ميچ فقير جادم مڱريو ڪلب ۽ شيراڻي فقير صاڀو ڪلب جي وچ ۾ کيڏيو ويو جنھن ۾ شيراڻي فقير صاڀو 136 رنسن تان ڪاميابي ماڻي رفيق پاران 10 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان بھترين اسڪور وٺي ناٽ آئوٽ رھيو فقير جادم منڱريو جي ٽيم 76 رنسون ٺاھي سگھي جڏھن ته ٽيو ميچ شيراڻي فقير صاڀو ۽ فقير امين فقير منڱريو جي وچ ۾ ٿيو جنھن ۾ شيراڻي فقير صاڀو 91 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو فقير امين منڱريو ڪلب 51 رنسون ٺاھي سگھي ميچ شيراڻي صاڀو کٽي ورتو جڏھن ته چوٿون ميچ فقير جادم منڱريو ۽ فقير امين منڱريو ٽيمن ۾ ٿيو جنھن ۾ فقير جادم منڱريو ڪلب 65 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جنھن ۾ بابر منڱريو 47 رنسون ٺاھي ناٽ آئوٽ رھيو جڏھن ته مقابلو فقير امين منڱريو ڪلب کٽي ورتو جڏھن ته پنجون ميچ شھيد عبدالرحيم گرھوڙي رح ۽ شيراڻي فقير صاڀو جي وچ ۾ ٿيو جنھن ۾ پڻ شيراڻي فقير صاڀو ڪلب ڪاميابي ڪيائين صحافين سان ڳالھائيندي ٽورنامينٽ جي سرپرست اعلي فقير محب منڱريو، راشد منڱريو ۽ ٻين چيو ته صحتمند معاشري لاءِ رانديون ضروري آهن اسان جي ضلعي جي تمام رانديگرن ۾ وڏو ٽيلينٽ موجود آهي ۽ اها اميد ٿي ڪجي ته هتي جي انتظاميه راندين ۽ خاص طور تي ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ بهتر ڪردار ادا ڪندي ۽ رانديگرن جي لاءِ موڪيا پيدا ڪندي ان موقعي تي ٽورنامينٽ ۾ مھمانن فقير صادق منڱريو صاڀو، انجنئير شھزاد منڱريو، سجاد علي منڱريو، بھادر علي منڱريو، ڪامينٽر ڊي ڊي حڪيم چند، اسڪورر ننڍڙو ياسر منڱڻھار سميت ٻيا پڻ موجود ھئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Jan 2026
•
تازہ ترین
کوٹڑی کے قریب افسوسناک حادثہ، خواتین اور بچوں سمیت 8 افراد جاں بحق
23rd Jan 2026
•
تازہ ترین
شکارپور کے قریب جرائم پیشہ افراد سے مقابلے کے دوران ایس ایچ او لکھي غلام شاہ خمیسو خان بروہی شہید، نمازِ جنازہ میں ڈی آئی جی ناصر آفتاب اور دیگر کی شرکت
23rd Jan 2026
•
تازہ ترین
کوئٹہ میں سردی کا 30 سالہ ریکارڈ ٹوٹ گیا
23rd Jan 2026
•
تازہ ترین
ایمان مزاری اور ان کے شوہر گرفتار
23rd Jan 2026
•
تازہ ترین
کوٹڑی کے قریب افسوسناک حادثہ، خواتین اور بچوں سمیت 8 افراد جاں بحق
23rd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهرو فيروز ۾ حضرت امام حسين عه ۽ حضرت عباس جي سالگره ملهائي وئي
23rd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ آل پاڪستان هندو پنچائت پاران انيل ڪمار ڪمپلين سيل جو هيڊ مقرر
23rd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي چوري، دڪاندارن ۽ شهرين پاران ڌرڻو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ مڱريا پريمئير ڪرڪيٽ ليگ شروع،
0 تبصرے