نوشهروفيروز ۾ هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي چوري، دڪاندارن ۽ شهرين پاران ڌرڻو

اڻڄاتل چور ڪاشف راجپوت جو موبائيل شاپ ٻهاري ويا، واردات خلاف ڌرڻو

نوشهروفيروز ۾ هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي چوري، دڪاندارن ۽ شهرين پاران ڌرڻو

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ رات دير سان ٺاروشاهه اسٽاپ تي قائم موبائل شاپ مان هڪ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ماليت جي چوري، نامعلوم چور ڪاشف راجپوت جي موبائل شاپ جا شٽر ٽوڙي 150 موبائل فونون چورائي فرار ٿي ويا واقعي خلاف شهرين شهر مان گذرندڙ قومي شاهراهه تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ان موقعي تي دڪان مالڪ ڪاشف راجپوت ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن توڙي دڪاندارن وزير وڳڻ ، سرور آرائين، پير خالد سيف الله ، خالد عباسي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ظلم جي انتها آهي مين اسٽاپ تي دڪان آهي پوليس به هوندي آهي پوءِ اسان جي دڪان مان چوري ٿي آهي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هنن چيو ته ساڳئي روڊ تان ڪجهه عرصو اڳ موبائل شاپ مان چوري ٿي پر اها اڃان تائين پوليس واپس ناهي ڪرائي سگهي ته وري هي واقعو پيش آيو آهي هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن چوري واپس نه ڪرائي وئي ته سخت احتجاج ڪيو ويندو