نوشهرو فيروز ۾ حضرت امام حسين عه ۽ حضرت عباس جي سالگره ملهائي وئي

تقريب ۾ مختلف مذهبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتن سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي

نوشهرو فيروز ۾ حضرت امام حسين عه ۽ حضرت عباس جي سالگره ملهائي وئي

نوشهرو فيروز (ڊر)امام حسينؑ ۽ حضرت عباسؑ جي سالگره مذهبي جذبي ۽ عقيدت سان ملهايي وئي، علمدار چونڪ تي روحاني تقريب، ڪيڪ ڪاٽڻ ۽ دعائون نوشهرو فيروز ۾ امام حسين عليه السلام ۽ امام غازي عباس عليه السلام جي سالگره جي مناسبت سان علمدار چونڪ ڀرسان مهراڻ بيڪري وٽ هڪ روحاني ۽ عقيدت ڀري تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شهر جي مختلف مذهبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتن سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي۔ تقريب جو آغاز تلاوتِ قرآن پاڪ سان ڪيو ويو، جنهن بعد نعت ۽ منقبت پيش ڪئي وئي، جنهن سان ماحول روحانيت سان ڀرجي ويو۔ تقريب دوران ڪيڪ ڪاٽڻ جي رسم مولوي يوسف حسين حسيني ۽ پير خالد سيف الله سهروردي جي هٿان ادا ڪئي وئي، جڏهن ته بابر لاشاري بلوچ، لالا توفيق احمد چانڊيو، فراز ڀٽي، خادم سيال، سهيل راڄپر، سيد ساگر حسين شاه، احسان کوسو، لاهوتي منصور حسين ۽ ٻين معزز شخصيتن پڻ شريڪ ٿي تقريب کي چار چنڊ لڳايا۔ ان موقعي تي خطاب ڪندي مولوي يوسف حسين حسيني چيو ته امام حسينؑ ۽ حضرت عباسؑ جي ولادت انسانيت، حق، انصاف، صبر ۽ قرباني جو عظيم پيغام کڻي اچي ٿي۔ هن چيو ته ڪربلا جو واقعو هر دور جي انسانن لاءِ حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڪرڻ جو درس آهي، ۽ نوجوان نسل کي امام حسينؑ جي تعليمات تي هلڻ گهرجي ته جيئن سماج ۾ امن، ڀائيچارو ۽ اخلاقي قدر مضبوط ٿين۔ پير خالد سيف الله سهروردي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته امام غازي عباسؑ وفا، بهادري ۽ وفاداري جي علامت آهن، جن جي زندگي هر مسلمان لاءِ عملي نمونو آهي۔ هن چيو ته اهڙيون تقريبون نه رڳو مذهبي جذبو تازو ڪن ٿيون پر سماج ۾ اتحاد، محبت ۽ هم آهنگي کي پڻ هٿي ڏين ٿيون۔ تقريب دوران شرڪت ڪندڙن ملڪ ۽ شهر جي امن امان، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ گڏيل دعائون گهريون۔ شرڪت ڪندڙن چيو ته نوشهرو فيروز هميشه مذهبي رواداري ۽ ڀائيچاري جي علامت رهيو آهي، ۽ اهڙيون گڏجاڻيون مختلف طبقات کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻين ٿيون۔ تقريب جي آخر ۾ ڪيڪ ورهايو ويو، جڏهن ته شهرين هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏئي خوشيءَ جو اظهار ڪيو۔ انتظاميه طرفان امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ خاص بندوبست پڻ ڪيا ويا، جنهن سبب تقريب خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ پڄاڻي تي پهتي۔