سجاول جون ڪارروائيون، 2 ڏوهاري گرفتار

ڪارروائي دوران 1050 گرام چرس 8800 مين پڙيون هٿ ڪيون: پوليس

سجاول جون ڪارروائيون، 2 ڏوهاري گرفتار

سجاول(رپورٽر)ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر جي هدايتن تي ضلع سجاول پوليس جا منشيات گھٽڪا سپلائر جي خلاف ڪاروايون جاري. ٻہ ڏوهاري گرفتار 1050 گرام چرس 8800 پڙيون سفينه گھٽڪو هڪ اڇي رنگ جي ڪرولا ڪار هٿ ڪيس داخل. تفصيل موجب. ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي جي ٺٽو روڊ دم دمون اسٽاپ جي ويجھو چيڪينگ انڊين گھٽڪو سپلائر ڏوهاري ربي ولد ناصر خان يوسف زئي پٺاڻ ڪراچي جي رھائشي کي اڇي رنگ جي ڪرولا ڪار نمبر bpx 225 ۾ لڪيل 8800 پڙيون سفينه گھٽڪو سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ڏوهاري خلاف سجاول ٿاڻي تي گھٽڪو ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او چوھڙجمالي الھڏنو ڀنڀرو مخفي اطلاع تي ڪچو مڙهو روڊ جنگ ۾ قائم منشيات فروشي جي اڏي تي ڪامياب ڪاروائي ۾ منشيات فروش کمون ماڪڙو کي 1050 گرام چرس سميت گرفتار ڪري نارڪوٽيڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.