English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ يوٿ اينگيجمينٽ گالا اينڊ سائنس ايگزيبيشن"جي تقريب منعقد
260 views
|
16th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ حڪومت ۽ راندين واري کاتي و امورِ نوجوان جي اهتمام هيٺ عمرڪوٽ ۾ ٻه ڏينهن “يوٿ اينگيجمينٽ گالا اينڊ سائنس ايگزيبيشن"جي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. يوٿ فيسٽيول جو افتتاح مهمانِ خاص ايڊيشنل سيڪريٽري راندين اسد اسحاق ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر کاتو امورِ نوجوان سيد حبيب الله، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسرز پرويز مري، اسماعيل شاهه، سني پرويز، شڪيل احمد، محمد عثمان ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا۔ تقريب ۾ نوجوانن وڏي انگ ۾ جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي. پروگرام جو مقصد نوجوان نسل کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ، انهن جي صلاحيتن کي اُجاگر ڪرڻ ۽ قيادتي ۽ سائنسي شعور کي هٿي ڏيڻ هو. هن موقعي تي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر پرويز مري، پرنسپل گورنمينٽ ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ پروفيسر عبدالرؤف سومرو، استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي۔ تقريب کي خطاب ڪندي راندين واري کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري اسد اسحاق چيو ته سنڌ حڪومت نوجوانن جي ڀلائي ۽ بهبود ۽ انهن جي مثبت تربيت لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جي تقريبن سان نوجوانن ۾ اعتماد، ٽيم ورڪ ۽ قيادتي صلاحيتون وڌن ٿيون. هن شاگردن کي نصابي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرمين ۾ به ڀرپور حصو وٺڻ جي تلقين ڪئي۔ ان موقعي تي پرنسپل گورنمينٽ ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ پروفيسر عبدالرؤف سومرو چيو ته نوجوان ڪنهن به قوم جو قيمتي سرمايو هوندا آهن، جيڪڏهن انهن کي صحيح رهنمائي ۽ موقعا فراهم ڪيا وڃن ته هو ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا. هن سائنس ايگزيبيشن ۾ شاگردن پاران پيش ڪيل ماڊلز ۽ پروجيڪٽس کي ساراهيندي چيو ته اهي نوجوانن جي تخليقي صلاحيتن جو چٽو ثبوت آهن۔ پروگرام دوران ليڊرشپ ڊولپمينٽ سيشنز، ذاتي واڌاري جون سرگرميون، ٽيم بلڊنگ ايڪٽيويٽيز ۽ موٽيويشنل ڳالهيون منعقد ڪيون ويون، جڏهن ته سائنس ايگزيبيشن ۾ شاگردن مختلف سائنسي ماڊلز ۽ جديد خيالن کي پيش ڪيو، جن کي شرڪت ڪندڙن تمام گهڻو ساراهيو۔ آخر ۾ منتظمين طرفان مهمانن جو ٿورو مڃيو ويو ۽ اهو عزم ظاهر ڪيو ويو ته مستقبل ۾ به نوجوانن جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ اهڙيون مثبت ۽ تعميري سرگرميون جاري رکيون وينديون۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ يوٿ اينگيجمينٽ گالا اينڊ سائنس
0 تبصرے