شڪارپور جي سي اينڊ ايس ڪاليج جي شاگردن ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب

شڪارپور جي سي اينڊ ايس ڪاليج جي شاگردن ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب

شڪارپور ( احسان ابڙو ) سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور جي شاگردن ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال” جي موضوع تي انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ ٽه-لساني مضمون نويسي مقابلي ڪاميابيون ماڻيندڙ شاگردن ۾ اڄ 16 فيبروري 2026 تي C&S گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور جي پيڪاڪ هال ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي هر ٻوليءَ ۾ پهرين، ٻي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. پرنسپال پروفيسر امتياز احمد ميمڻ پوزيشن هولڊر شاگردن ۾ انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا. استادن کي پڻ قدرداني سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.